مائڪرو سافٽ ملازمن کي وڏو ريليف ڏئي ڇڏيو، مستقل طور گھر کان ڪم ڪرڻ جي اجازت

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) دنيا جي مشهور سافٽ ويئر ڪمپني مائڪرو سافٽ عالمي وبا ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي ملازمن کي مستقل طور تي گھر کان ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب مائڪرو سافٽ اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن ان جا ملازم مستقل طور تي گھر کان ڪم ڪرڻ چاهين ٿا ته هاڻ کين اجازت هوندي.

ڪورونا وائرس سبب مائڪرو سافٽ جا ملازم گھرن کان ئي ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڪمپني طرفان آمريڪا ۾ مائڪرو سافٽ جي آفيس جنوري 2021ع کان کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته جنوري ۾ آفيس کولڻ جي باوجود به جيڪڏهن ملازمن مستقل طور تي پنهنجن گھرن کان ڪم ڪرڻ چاهين ٿا ته کين ائين ڪرڻ جي اجازت هوندي.

مائڪرو سافٽ جي چيف پيپل آفيسر ڪيٿلين هوگان چيو ته ڪورونا اسان سڀني کي نون طريقن سان سوچڻ، رهڻ ۽ ڪم لاءِ چيلينج ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.