جيڪب آباد مان گرفتار ٿيل شيعا اڳواڻ چار ڏينهن بعد آزاد

جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد جي پوليس پاران ٽي ڏينهن اڳ بنا جواز گهران گرفتار ڪري گم ڪيل سيد گلزار شاهه ٽن ڏينهن  بعد  پوليس آزاد ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ شيعه تنظيمن وڪيل برادري پاران عدالتي بائيڪاٽ سميت شهرين پاران ڪيل احتجاجن بعد جيڪب آباد جي پوليس گهران کنڀي گم ڪيل شيعه اڳواڻ سيد گلزار شاهه کي ٽي ڏينهن سخت پهري ۾ رکڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيوجيڪب آباد جي ايس ايس پي ۽ ان جي جوڙيل پوليس جي ٽيم پاران شيعه اڳواڻ سيد گلزار شاهه پاران چار ڏينهن اڳ هن آباد کان جيڪب آباد تائين پيادل مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪندي شيعه تنظيمن کي گڏ ڪري دعوتون ڏيڻ ۽ پيادل ريلي کي ڪامياب ڪرڻ لاء ڏيهن رات هڪ ڪري ڇڏيو هو اهڙي قسم جي ڪيل تيارين کي پوليس انتظاميه پاران سڪيورٽي رسڪ ڄاڻائيندي روڪڻ لاء سرواڻ سيد گلزار شاهه کي السادات هائوس کان وڏي پوليس اٽالن سان داخل ٿي چادر چوديواري جوتقدس پائمال ڪندي سيد گلزار شاهه کي کنڀي نامعلوم هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو هو بعد ۾ باندي بڻيل سيد گلزار شاهه جي ڀاء ايڊوڪيٽ سيد اعجاز شاهه جي درخواستن تي وڪيلن سميت مختلف تنظيمن پڻ پوليس خلاف احتجاج ڪيا هئا هوڏانهن وڪيل سيد اعجاز شاهه ٻڌايو ته منهنجي ڀاء کي پوليس واٽر سپلاء وٽ ڇڏي هلي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.