درياخان مري ۾ ساهرن جو ننهن تي تشدد، وار ڪٽي تذليل

دريا خان مري  (ن ع آ) دريا خان مري ۾ سھري پاران ننھن کي تشدد جو نشانو بڻائي مبينا طور تي سندس مٿي جا وار ڪٽي تذليل  جو نشانو بڻايو ويو، متاثر عورت جو چوڻ آھي ته سھري مڙس پيٽرول ھاري باھ ڏئي ساڙي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪچي بستي واري علائقي جي رھواسڻ مسمات نجمه ڪتريل وار ۽ سڙيل ڪپڙا کڻي ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته جڳھ تي قبضي ڪرڻ جي لاء مڙس ۽ سھرو سندس ويري بڻجي ويا آھن ھن ٻڌايو ته سندس سھري   جڳھ خالي ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي ساهرن   وار ڪٽي تذليل ڪئي ( گاسليٽ ) ھاري باھ ڏئي کيس مارڻ جي ڪوشش ڪئي، ھن چيو ته سھري رپيٽر سان فائر ڪري کيس مارڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن سان به ھو اتفاق سان بچي وئي، پوليس جوابدار ڌر سان ٻٽ بڻيل آھي، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي  جوابدار گرفتاري ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.