ائين پيو لڳي ڄڻ رياست جو ڪٿي وجود ئي ناهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ راول ڍنڍ جي ڪناري نيوي سيلنگ ڪلب جي اڏاوت خلاف ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته ائين لڳي ٿو ته ڄڻ رياست جو ڪٿي وجود ئي ناهي ۽ قانون جي عملداري يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيپٽل ڊيولپمنٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي چيئرمين کي حلفي بيان جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله نيوي سيلنگ ڪلب جي اڏاوت ۽ نيول فارمز جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي ۾ ڪيپٽل ڊيولپمنٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جو چيئرمين علي احمد پيش ٿيو جنهن تي جسٽس اطهر من الله چيو ته عدالت ۾ توهان کي هر هر طلب ڪرڻ ڏاڍو اڻ وڻندڙ عمل هوندو آهي پر معاملو سمجهڻ چاهيون ٿا.

چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته مڪمل طور تي لاقانونيت آهي قانون ته ڪٿي به نظر ئي نٿو اچي، ائين ٿو لڳي ڄڻ رياست جو ڪٿي وجود ئي ناهي، جڏهن به معاملو وزير اعظم جي نوٽيس ۾ آندو ويندو آهي ته شيون ٺيڪ ٿي وينديون آهن.

هن سي ٽي سي جي چيئرمين کان پڇاڻو ڪيو ته ماسٽر پلانرز ۾ زون ٿري ۽ زون فور بابت ڪهڙو پلان بڻايو ويو هو جنهن تي سي ڊي اي جي چيئرمين جواب ڏنو ته زون فور کي ماسٽر پلان ۾ مڪمل طور تي گرين ايريا رکيو ويو هو.

سي ڊي اي جي چيئرمين ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ جيڪي زمينون حاصل ڪيون ويون انهن جو معاوضو اڄ تائين به مڪمل ادا ناهي ڪيو ويو.

سي ڊي اي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته 30 سالن ۾ معاوضو ته ادا ناهي ڪيو وي پر فراڊ جي حوصلا افزائي ڪئي وئي، ڪوڙا ڪاغذ بڻايا ويا جنهن ۾ سي ڊي اي جا آفيسر به ملوث رهيا.

چيف جسٽس کان پڇاڻو ڪيو ته ڇو ايف آءِ اي ۽ آءِ بي ريئل اسٽي جي واپار ۾ ملوث آهي، اسلام آباد جو به ايشو اٿاريو اشرافيه طرفان قانون جي ڀڃڪڙي نظر ايندي آهي.

جسٽس اطهر من الله چيئرمين سي ڊي اي کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان جو ڪو اهلڪار نيول هيڊ آفيس ۾ ڇاپو هڻي سگهي ٿو؟

جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته ايف آءِ اي جيڪا ريئل اسٽيٽ جي واپار ۾ ملوث آهي اُهي هي ڪيئن ٿا روڪي سگهن، مفادن جو ٽڪراءُ ئي سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي، انهن شين سان قانون تي  اعتماد ختم ٿيندو آهي.

عدالت سي ڊي اي جي چيئرمين کي چيو ته توهان قانون تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ لاڳاپيل اٿارٽي آهيو، جنهن تي هن عدالت کي ٻڌايو ته سي ڊي اي ايڪشن وٺي رهيو آهي ڪالهه مون هائوسنگ سوسائٽيز بابت به بريفنگ ورتي.

عدالت سي ڊي اي کي چيو ته اسلام آباد ۾ شاملات تي قبضو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، جيستائين روينيو ۽ پوليس ٻئي شامل نه هجن قبضو ختم نٿو ڪرائي سگهجي.

عدالت چيو ته ڇا توهان ضلعي عدالتن جي حالت ڏٺي آهي اُتي ڪو انسان نٿو وڃي سگهي، عام ماڻهو اُتي ويندا آهن ان ڪري ضلعي عدالتن جو اِهو حال آهي.

جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته اشرافيه تي قانون لاڳو ناهي ٿيندو ان ڪري اُتي ناهيون ويندا.

بعد ۾ عدالت پاڪستان نيول فارمز جي اڏاوت روڪڻ جو حڪم ۽ راول ڍنڍ جي ڪناري نيوي سيلنگ ڪلب سيل ڪرڻ واري حڪم نامي ۾ 26 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.