بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جو فيصلو 22 سيپٽمبر تائين ملتوي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جو اڄ ٻڌايو ويندڙ فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو.

بلديا ٽائون جي فيڪٽري ۾ پيش ايندڙ سانحي جو ڪيس تقريبن 9 سال ٻڌڻي هيٺ رهيو.

سينٽرل جيل ۾ قائم دهشتگردي ٽوڙ عدالت بلديا سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ۾ 2 سيپٽمبر تي ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو اڄ ٻڌائڻو هو پر عدالت فيصلو 22 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

ان ڪيس ۾ فيبروري 2017 ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي، رحمان ڀولا، زبير چريا ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي هئي.

11 سيپٽمبر 2012 ۾ بلديا فيڪٽري باهه ڪيس ۾ 260 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا هئا ۽ فيڪٽري مالڪن باهه جو ذميوار ايم ڪيو ايم کي قرار ڏنو هو.

ڪيس ۾ جوابدارن خلاف 400 اکين ڏٺن شاهدن ۽ ٻين پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا ۽ ڪيس ۾ سرڪار جي پيروي رينجرز جي اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر ڪئي آهي.

واضح رهي ته بلديا جي ٽيڪسٽائل فيڪٽري ۾ سيپٽمبر 2012 ۾ باهه جو واقعو پيش آيو هو، جنهن ۾ 250 کان وڌيڪ ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا هئا.

ڊسمبر 2016 ۾ بلديا فيڪٽري ڪيس ۾ ملوث هڪ جوابدار رحمان عرف ڀولا کي انٽرپول جي مدد سان بئنڪاڪ مان گرفتار ڪري ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو.

عبدالرحمان ڀولا پنهنجي بيان ۾ اعتراف ڪيو هو ته هن حماد صديقي جي چوڻ تي ئي بلديا فيڪٽري ۾ باهه لڳائي هئي.

پوءِ 27 آڪٽوبر 2017 تي بدليا فيڪٽري سانحي جي مک جوابدار حماد صديقي کي دبئي مان گرفتار ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.