پوليس قبضا گروپ ٿيندي ته موٽر وي جهڙا واقعا ٿيندا رهندا: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور ( م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس قاسم خان ريمارڪس ڏنا آهن ته پوليس ملڪ ۾ قبضا گروپ بڻجي وئي آهي ۽ پوليس قبضا گروپ بڻجي ويندي ته موٽر وي جهڙا واقعا ٿيندا رهندا. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاسم خان جي سربراهي ۾ اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي زمين تي پوليس جي قبضي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پوليس ملڪ ۾ قبضا گروپ بڻجي وئي آهي ۽ پوليس قبضا مافيا بڻجي ويندي ته موٽر وي جهڙا واقعا ٿيندا رهندا. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته پوليس ڪِنن بيضن کي ٻاهر ڪري ۽ آفيسرن کي معاف ڪرڻ جي روش ڇڏي ڏيو. چيف جسٽس قاسم خان ايندڙ ٻڌڻي تي آءِ جي پنجاب کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.