ڪراچي پئڪيج عملدرآمد ڪميٽي قائم، ٽرمز آف ريفرنس به جاري

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي لاءِ 11 سئو ارب رُپين جي خصوصي پيڪيج لاءِ اهم اڳڀرائي، سنڌ سرڪار عملدرآمد ڪميٽي قائم ڪري  ڇڏي، چيف سيڪريٽري طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پراونشل ڪوآرڊينيشن اينڊ امپليمينٽيشن ڪميٽي جو سربراهه وڏو وزير مراد علي شاهه هوندو، پي سي آءِ سي جي ميمبرن ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، چيف سيڪريٽري، ترقي ۽ رٿابندي واري کاتي جو سيڪريٽري ۽ فائيوَ ڪور جو نمائندو شامل، اين ڊي ايم اي ۽ وفاقي حڪومت جا نمائندا به ڪميٽي ۾ شامل هوندا، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سموريون لاڳاپيل ڌُريون پي سي آءِ سي لاءِ پنهنجا نمائندا فوري طور مقرر ڪنديون.پي سي آءِ سي وڏي وزير جي سربراهيءَ ۾ ترقياتي منصوبن تي عمل لاءِ رٿابندي ڪندي، منصوبن آڏو رنڊڪون ختم ڪرڻ سوڌو سمورين لاڳاپيل ڌُرين لاءِ مرڪزي فورم جو ڪردار ادا ڪندي، سنڌ سرڪار ڪراچي پيڪيج تي عملدرآمد لاءِ قائم ڪميٽي جي ٽي او آرز به جاري ڪري ڇڏيا، ٽي او آرز ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي سمورن منصوبن جو رڪارڊ سنڀالڻ سان گڏ ڪم جي معيار جو به جائزو وٺندي، ضرورت پوڻ تي منصوبن تي ڪم ۾ اثرائتي اڳڀرائي لاءِ ادارن ۾ تبديلي جي به سفارش ڪري سگهي ٿي، ڪميٽي 15 ڏينهن ۾ اجلاس گهرائي ترقياتي رٿائن تي ڪم ۾ اڳڀرائي جو جائزو به وٺندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.