لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ تازا ڄاول 2 جاڙا ٻار فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ الهه وسايو ڀٽو واسي پورهيت ربن ناريجو پنهنجي ڳورهاري گهر واري کي ويم لاءِ نئون ديرو جي  خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ داخل ڪرايو جتي آپريشن بعد عورت کي جسم ڳنڍيل جاڙن ٻارن جي اولاد ٿي جتان ٻنهي جاڙن ٻارڙن کي وارثن کڻائي لاڙڪاڻي جي شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۾ قائم چائلڊ لائيف فائونديش داخل ڪرايو جتي علاج دوران جاڙا ٻارڙا فوت ٿي ويا جڏهن ته ضروري ڪارروائي بعد جاڙن ٻارن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا. هوڏانهن جاڙن ٻارڙن کي جنم ڏيندڙ عورت جي حالت بهتر ٻڌائي پئي وڃي جنهن کي ڪالهه وارثن شيخ زيد وومين اسپتال علاج لاءِ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي ان بعد وارث عورت کي ڳوٺ کڻائي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.