خيرپور مان لاش هٿ، جنيد جوڳي طور سڃاڻپ

خيرپور ( ڊ ر ) بي سيڪشن خيرپور پوليس ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڪاشف ڊيڪوريشن وٽان گذريل ڏينهن هڪ  شخص جو لاش هٿ ڪري  کيس سول اسپتال خيرپور جي مردا خانا  پهچايو بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جي اي ايس آءِ طالب حسين جسڪاڻي موجب  مليل لاش جي سڃاڻپ جنيد احمد پٽ ظفر علي جوڳي ويٺل ٺري ميرواهه طور ٿي آهي سندس وارثن کي واقعي جو اطلاع ڏنو ويو  آهي، هن ٻڌايو ته وارثن جو چوڻ آهي ته فوتي جو ذهني توازن ٺيڪ نه هو هوڪيتري عرصي کان ٻاهر رهندو هيو  جڏهن ته بي سيڪشن پوليس فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن جي حوالي ڪري ڇڏيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.