هنڱورجن ۾ بدامني، چوريون، ڦرون روز جو معمول، مظاهرو

ھنڱورجا ( رپورٽ: قاصد الله آرائين ) ھنڱورجا ۾ نامعلوم چور قومي شاھراھ وٽ فروٽ جي دوڪان تان موٽر سائيڪل,موبائل فون ۽  روڪ رقم چوري ڪري ويا، اقبال منڱڻيجو جي فروٽ جي ڪئبن تان رات دير سان نامعلوم چور موٽر سائيڪل ۽ چارجنگ تي لڳل موبائيل فون چوري ڪري ويا.خبر پوڻ شرط پوليس کي اطلاع ڏنو ويو ،پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي تفصيل ورتا ۽ چوڪيدار کي حراست ۾ ورتو، ھوڏانھن متاثرين جو بدامنيءَ خلاف اقبال منڱڻيجو جي اڳواڻيءَ ۾ ھنڱورجا سمي روڊ تي احتجاجي مظاھرو،  چورين جي وڌندڙ آزار خلاف نعريبازي ڪئي، ھنن دانھيندي چيو ته ھنڱورجا ۾ ڏوهه وڌي ويا آهن، پوليس ڏوهاري گرفتار ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته چوري ٿيل گاڏي ۽ موبائل فون واپس ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.