اليڪٽرڪ ڪار جي اسلام آباد ۾ پهرين چارجنگ اسٽيشن جي شروعات

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اليڪٽرڪ ڪار جي اسلام آباد ۾ پهرين چارجنگ اسٽيشن جو آغاز ڪيو پيو وڃي.

سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي لکيو ته اليڪٽرڪ ڪار جي اسلام آباد ۾ پهرين چارجنگ اسٽيشن جي لانچنگ جي حوالي سان آئون گهڻو پرجوش آهيان.

فواد چوڌري چيو ته اٽڪ آئل طرفان فليگ شپ چارجنگ جي سهولتن جو جناح ايونيو ۾ آغاز ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته هي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وزارت جو هڪ ٻيو هدف هو جيئن ملڪ ۾ اي ويهيڪلز جي مستقبل جي ٽرانسپورٽ جي طور تي حوصلا افزائي ڪري سگهجي.

ان کان اڳ ڪراچي جي هڪ ڪمپني هڪ اليڪٽرڪ ڪار متعارف ڪرائي جنهن جي قيمت رڳو چار لک رپيا مقرر ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.