سنڌ ڪو عالمي يتيم خانو ناهي

حسيب لطيفي

اها ڳالهه ته هاڻي سچ ثابت ٿي آهي ته هن سٻاجهڙي ۽ صوفياڻي سنڌ ۾ غير قانوني طور رهندڙ لکين ڌارين کي ڪراچي جو رهواسي ڄاڻائي کين سڃاڻپ ڪارڊ ۽ نوڪرين لاءِ جعلي ڊوميسائل جاري ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري سنڌ جا اصلوڪن وارث بيروزگاريءَ جو شڪار ٿيندي، روزگار کان محروم ٿي رهيا آهن، وڏي وقت کان وٺي ٿيو ائين آهي ته هتان جي نادرا آفيسن ۾ جيڪو آيو، ان سنڌ جي ماڻهن سان اهي ويڌن ڪيا آهن، هتي انهن ڌارين کان ڪو به پڇا ڳاڇا ڪرڻ وارو نه هو، جن پئي اين آءِ سي ڪارڊ ٺهرايا، بهرحال سنڌ جي ماڻهن اک پٽي ڌارين خلاف سنڌ مان سخت ردعمل آيو، جنهن بعد حڪومت اعلان ڪري واضح ڪيو ته سمورا افغاني 30 جون تائين پنهنجي ملڪ واپس هليا وڃي، پر مون کي لڳي ٿو ته ان جو به انهن ڌارين تي ڪو اثر نه ٿيو، ڇو ته هن وقت تائين اهي واپس ناهن ويا، اڄ به سنڌ جي مختلف علائقن ۾ افغاني ڌارين جون ڪالونيون آباد آهن، اهي وڏا مالدار بڻجي چڪا آهن، حالت ته اها آهي ته هنن کان ڪير پچڻ وارو ئي ناهي ته توهان کي صرف سنڌ ۾ ئي ڇو ٿو موڪليو ويو آهي.

ڇا سنڌ عالمي يتيم خانو بڻيل آهي، جو ملڪ ٺهڻ کان وٺي ڌارين جي وڏي لوڌ سنڌ ۾ داخل ٿيندي پئي وڃي، جنهن ڪري هن وقت سنڌ ۾ برمين، بنگالين، بهارين، روهنگين سميت افغاني پٺاڻ تمام تيزي سان آباد ٿي رهيا آهن، جيڪي سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿي پاڻ ته امير ٿي رهيا آهن، پر ان جي نتيجي ۾ سنڌ جا اصلوڪن رهواسي غربت جي گهاڻي ۾ پسجي رهيا آهن، ڌارين جي وڌيل لوڌ سنڌ کي غريب ڪرڻ سان گڏ سنڌين کي بيروزگار بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن نظر ڦيرائي ڏسنداسين ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به افغاني سنڌ جون سرڪاري زمينون ڦٻائي يا مسڪين، غريب سنڌي ماڻهن کي چند روپين جي لالچ ڏئي انهن کي ٻڌايل رقم کان به وڌيڪ ڏوڪڙ ڏئي، انهن کان نه رڳو جڳهون يا پلاٽ حاصل ڪري رهيا آهن، پر انهن کان انهن جو روزگار به کسي رهيا آهن، برمين، افغانين، بنگالين، بهارين ۽ روهنگين جي اچڻ کانپوءِ “آيو ٽانڊي لاءِ بڻجي ويو بورچي” واري مثال کي حقيقت جو روپ ڏيندي علائقن مان سنڌي ماڻهن کي دربدر ڪري نيڪالي ڏني پئي وڃي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ افغانين جي آبادڪاري ڪنهن کان به لڪل ناهي، انهن ڌارين بابت وزيرن، مشيرن ۽ اعليٰ عملدارن توڙي جو سنڌ پوليس کي به چڱي ريت ڄاڻ حاصل آهي، پر سڀ خبر هوندي به سڀ بي خبر بڻيل آهن.

سنڌ ۾ وڌندڙ ڌارين جي آبادي سنڌ جي خودمختياري تي حملو به آهي، سنڌ هاڻ وڌيڪ ڌارين کي برداشت نه ڪندي، هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ سنڌ مان سنڌي ڪاروباري واپاري هجرت ڪري هندستان هليا ويا ۽ موٽ ۾ اتان جا ماڻهو هجرت ڪري پاڪستان ۾ آيا، جيڪي پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه نه پر سنڌ ۾ آباد ٿيا، اهي هاڻ سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ آباد آهن، سنڌ ۾ مهاجر، بنگالي، بهاري ۽ برمي به وڏي تعداد ۾ پهتل آهن، جيڪي هاڻ سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿيندا پيا وڃن، سنڌ ۾ گهڻي ڌاري آبادي نه رڳو سنڌ جي وسيلن کي نقصان پهچايو آهي، پر هنن سنڌ جي ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب کي پڻ وڏو نقصان ڏنو آهي، ان سان گڏ سنڌ جي تاريخي عمارتن ۽ ماڳن تي قبضا ڪري انهن ۾ آباد ٿيل آهن، انهن جا ڌرتي ڌڻين سان رويا به ٺيڪ ناهن، جيڪڏهن سنڌ ۾ ائين ئي سڀني کي پناهه ڏني وئي ته سنڌي ماڻهو اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا.

هن وقت به سنڌ سڄي دنيا جي مهاجرين جو بار کنيو ويٺي آهي، اسين سمجهون ٿا ته ڌارين جي آبادڪاري تيزي سان وڌڻ جي ذميوار پيپلز پارٽي به آهي، ڇو ته پ پ کي سنڌ جي ماڻهن 1973 کان سنڌ ۾ مينڊيٽ ڏئي کين اقتدار تائين پهچايو آهي، پ پ جي ڌاري آبادڪاري تي خاموشي کي اسين هڪ قومي ڏوهه به سمجهون ٿا، ڇو ته ڌارين جي ڪري سنڌي قوم کي نقصان پهچي رهيو آهي، هاڻ به جيڪڏهن پيپلز پارٽي اک نه پٽي ۽ ڌارين کي نيڪال نه ڏني وئي ته سنڌي قوم کي ان ڌاري آبادڪاري مان تمام وڏو نقصان پهچندو، تنهن ڪري سنڌ جي سڄاڻ ڌرين ۽ پيپلز پارٽي کي ڌاري آبادڪاري جي وڌڻ جو سختيءَ سان نوٽيس وٺڻ جي سخت ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.