ڄامشورو: پيرسن جو ٺيڪيدار خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
ڄامشورو: پيرسن جو ٺيڪيدار خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽڄامشورو: پيرسن جو ٺيڪيدار خلاف احتجاج

ڪوٽڙي جي رهواسي پيرسن پاران ٺيڪيدار خلاف احتجاج ڪندي رستو ۽ گٽر نالو ٺهرائي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي

ڪوٽڙي جي علائقي مسلم ٽائون جي رهواسي پيرسن حيات خان بليدي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهچي دانهيو آهي ته مسلم ٽائون ڊي بلاڪ جي مين گهٽي جي پڪي رستي ۽ گٽر نالي لاءِ منظور ٿيل اسڪيم جا لکين رپيا ٺيڪيدار نور محمد چانڊيو هڙپ ڪري ويو آهي  جنهن ڪري گٽرن جو گندو پاڻي رستي تي بيٺل آهي .. ايس او ٽي

هن چيو ته ٺيڪيدار خلاف اينٽي ڪرپشن حيدرآباد ۾ ڪيس داخل ڪرايو آهي ۽ ڊي سي ڄامشورو سميت ٻين وس وارن کي درخواستون ڏنيون آهن پر ٺيڪيدار بااثر هجڻ ڪري هن کان ڪو به پڇاڻو نٿو ڪيو وڃي …

پيرسن مطالبو ڪيو ته

پيرسن مطالبو ڪيو ته ٺيڪيدار خلاف قانوني ڪارروائي ڪري گهٽي ٺهرائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.