دعا ڀٽو جي ڀيڻ جي سنڌ اسيمبلي ۾ ٽڪ ٽاڪ وڊيو

ڪراچي (رپورٽ: جي ايم کوکر)  سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ پي ٽي آئي ايم پي اي دعا ڀٽو جي ڀيڻ اقرا ڀٽو پاران معزز ميمبرن جي ڪرسي تي ويهي انڊين گاني تي ٽڪ ٽاڪ ٺاهي سوشل ميڊيا تي رکڻ کانپوءِ  پ پ ۽ پي ٽي آئي ۾ تڪرار تيز ٿي ويو ،ڪل پوڻ تي اسپيڪر اآغا سراج دراني  طرفان جاچ جو حڪم ڏيڻ بعد معامرو ڳنڀير بڻجي ويو آهي، ان سلسلي ۾ ورتل معلومات موجب گذريل جمعي واري اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي ايم پي اي دعا ڀٽو سان گڏ آيل سندس ڀيڻ اقرا ڀٽو پاران مخالف ڌر جي ايم پي اي لابي ۾ پيل ڪرسي تي ويهي انڊين گاني“ توني اگر پيار سي ديکا نهين مجه ڪو ڇوڙ ڪي شهر مين چلي جائوگي” تي ٽڪ ٽاڪ ٺاهي سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪري ڇڏي، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ معزز ميمبرن جي ڪرسي جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي جو لوگو پڻ ڏسي سگهجي ٿو تي ويٺل آهي، اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد جڏهن سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر  آغا سراج دراني کي خبر پئي ته ان گذريل ڏينهن اجلاس ۾ ان جو سخت نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ،جڏهن ته ان سلسلي ۾ سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري جي ايم عمر فاروق عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته اسپيڪر صاحب جي حڪم تحت اڄ جاچ ڪميٽي قائم ڪندس هن چيو ته مونکي خبر پئي ته ڪنهن معزز ميبرن جي ڪرسي تي ٽڪ ٽاڪ ٺاهي سوشل ميڊيا تي رکيو آهي جيڪو عمل ايوان جي توهين برابر آهي ان سلسلي ۾ شفاف جانچ ڪرائي ويندي.

وڊيو رکي ته ڇا ٿي پيو،پ پ کان نٿي ڊڄان: دعا ڀٽو

ڪراچي: دعا ڀٽو چيلنج ڪندي چيو آهي ته مان پ پ جي وڏن کان به نٿي ڊڄان ، مان پ پ جي پڇ تي پير رکي بيٺي آهيان انهن کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪن. پي ٽي آءِ جي ايم پي اي دعا ڀٽو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي وارا اسان کي گاريون ۽ گند ڪري بعد ۾ معافي وٺندا آهن جيڪڏهن منهنجي ڀيڻ ٻاراڻي ۾ اسيمبلي جي لابي ۾ اچي وڊيو ٺاهي رکي ته ڇا ٿي پيو ان بابت مونکي خبر نه هئي ۽ مون ان تي معافي به ورتي آهي، هن چيو ته اسپيڪر جانچ جو حڪم ڪيوآهي ته وڃي ڪاروائي ڪن مان پ پ جي پڇ تي پير رکيو بيٺي آهيان ، باهي ڀٿ ڪندا ته سهي نه اتي ڪو بم ڊسپوزل ته ڪو نه بيٺو هو جو ان ڪاروائي ڏيکاري ڇڏي، هن چيو ته منهنجي ڀيڻ ٻالڪ پڻ ۾ وڊيو ٺاهي جنهن جي مونکي خبر نه هئي خبر هجي ها ته وڊيو وائرل ٿيڻ نه ڏيان ها.

پ پ پاران دعا ڀٽو خلاف ڪارروائي جو مطالبو

ڪراچي: پيپلزپارٽي معزز ايوان ۾ ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ تي ايم پي اي دعا ڀٽو خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پ پ پ جي ايم پي اي ۽ پي اي سي جي چئيرمين غلام قادر چانڊيو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته معزز ايوان ۾ انڊين گاني تي ٽڪ ٽاڪ ٺاهي سوشل ميڊيا تي رکڻ وارو عمل مذمت جوڳو آهي ان سان ايوان سان گڏ دعا ڀٽو جي عزت پائمال ٿي آهي هن چيو ته ايم پي اي دعا ڀٽو ايوان جي تقدس جي پامالي ڪئي آهي ان خلاف ڪاروائي ٿيڻ گهرجي ۽ اسپيڪر پاران جانچ ڪرائڻ واري عمل جي پڻ حمايت ڪيون ٿا، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هو ڀٽو نه هجي ها ته کين جواب سٺو ڏيانس ها ته پ پ پ خلاف لفظ ڪيئن ڳالهائبا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.