پي ايس ايڪس حملو: بهادريءَ جو مظاهرو ڪندڙ اهلڪارن لاءِ انعام جو اعلان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ پوليس مشتاق مهر پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي دوران دهشتگردن سان وڙهندڙ اهلڪارن لاءِ 20 لک رپيا انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پوليس اختيارين موجب دهشتگردن سان سڀ کان پهريون مقابلو ريپڊ ريسپانس فورس جي جوانن ڪيو، ريپڊ ريسپانس فورس جي اهلڪارن جو آفيسر شهيد ٿي ويو پر ساٿي اهلڪار وڙهندا رهيا.

اختيارين ٻڌايو ته دهشتگردن کي مک گيٽ تي ئي ماريو ويو، اهي عمارت ۾ داخل نه ٿي سگهيا.

دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائيندڙ پوليس ٽيم ۾ شامل هڪ بهادر اهلڪار جو چوڻ هو ته هڪ دهشتگرد دستي بم اڇلائي رهيو هو ته ٻيو فائرنگ ڪري رهيو هو، منهنجي هٿان هڪ دهشتگرد ماريو ويو.

آءِ جي سنڌ پوليس بهادري جو مظاهرو ڪندڙ اهلڪارن کي شاباس ڏني ۽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس ٽيم لاءِ 20 لک رپيا انعام جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.