وارهه: ڌارين کي جعلي ڊوميسائل ۽ ڊگريون جاري ڪرڻ خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
وارهه: ڌارين کي جعلي ڊوميسائل ۽ ڊگريون جاري ڪرڻ خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ وارهه: ڌارين کي جعلي ڊوميسائل ۽ ڊگريون جاري ڪرڻ خلاف احتجاج

وارهه ۾ سياسي سماجي تنظيمن پاران ڌارين کي جعلي ڊوميسائل ۽ ڊگريون جاري ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

وارهه پريس ڪلب آڏو سياسي سماجي اڳواڻن وقار رضا چولياڻي، محسن سنڌ يار، نثار اميراڻي ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ طرف سنڌ ۾ هزارين ڊگري آفعته نوجوان بيروزگار بڻيل آهن  ته ٻئي پاسي انهن جي حقن تي جعلي ڊوميسائل وسيلي ڌاريا ماڻهون ڀرتي ڪيا پيا وڃن جيڪي مقامي ماڻهن سان سراسر ذيادتي آهي

اڳواڻن سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته ڌارين کي جعلي ڊوميسائل ۽ ڊگريون جاري ڪندڙ ڪامورن کي سخت سزا ڏئي ڊگريون ۽ ڊوميسائل رد ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي …..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.