مقصودي رند ويجهو روڊ حادثي ۾زخمي ٿيل نوجوان فوت

مقصودورند (ن ع آ) ٽي ڏينهن اڳ شاهپور چاڪر روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن وچ ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل (38) ساله نوجوان مختيار حسين رند نوابشاهه جي اسپتال ۾ هو جيڪو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو نوجوان جي فوت ٿيڻ جي خبر گهر ۾ پوندئي روڄ راڙو مچي ويو جڏهن ته علائقي ۾ سوڳ ڇائجي ويو نوجوان مختيار حسين رند شادي شده هو ۽ کيس ٽن پٽن ۽ ٽن ڌيئرن جو اولاد هو ۽ ڳوٺ مراد علي رند جو رهواسي هو نوجوان کي سوين آلين اکڙين سان سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

فريد آباد واسي ڦر دوران مزاحمت تي زخمي ٿيل نوجوان لاڙڪاڻي اسپتال ۾ فوت

فريدآباد  ( ن ع آ)فريدآباد ٿاڻي جي حد ۾ عيد کان ھڪ ڏينهن ڏينھن اڳ هٿيار بندن هٿان ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي گوليون هڻي زخمي 25 سالا نوجوان  معشوق علي  بروھي زخمن جا تاب نه سھندي لاڙڪاڻي  اسپتال ۾ فوت ٿي ويو جنهن جو  لاش پوسٽ مارٽم جي لاء  تعلقه اسپتال ميھڙ آندو ويو جتي  پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏھن ته  لاش ڱھر پھڇڻ تي ڪھرام مڇي ويو بروھي برادري جو ڪاروبار بند جنازي نماز بعد اباڻي  قبرستان ۾ دفنايو ويو.سوڳ ۾ بروھي برادري پنهنجو ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو، مقتول جي پونيئرن سان ناليوارو سنڌ جو اديب دانشور جوھر بروھي، شاعر احمد خان بروھي ايس يو پي اڳواڻ ڊاڪثر برڪت جتوئي، پ ٽ الف اڳواڻ غلام مصطفيٰ جتوئي، ٽرانسپورٽ  فريدآباد  جي صدر  خادم حسين جتوئي، رفيق احمد جتوئي، عبدالقادر بروھي  ۽ ٻين تڏي تي پھچي تعزيت ڪئي ۽ گھري ڏک جو اظهار ڪيو.

ميهڙ ڀرسان کوسن ۾ جهيڙو، 4 ڄڻا زخمي

ميھڙ (ت ر) ميهڙ ڀرسان ڳوٺ مرزو کوسي ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻني مان چوپايو مال پوڻ تان جيھڙو  ٿي پيو، جنهن دوران جوابدارن احمد، ڀٽو، سجاول ۽ ممتاز کوسو ڏنڊا ھڻي شھزادو کوسو کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي کي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويو، جتي زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب کيس لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو جڏھن ته  جوا بدارن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آھي.

شڪارپور ۾ ڪار جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار 3 ڄڻا زخمي

شڪارپور (ڊ ر) شڪارپور شھر جي نيوفوجداري ٿاڻي جي حد ٽول پلازه وٽ تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ٽي ڄڻا علي جان ڄامڙو،ابرار ڄامڙو ۽ نور حسن جعفري سخت زخمي ٿي پيا جن کي علائقي واسين سول اسپتال شڪارپور پهچايو جتي طبي امداد بعد زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين سکر جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو ،جڏھن ته واقعي بعد ڪار ڊرائيور گاڏي ڇڏي موقعي تان فرار ٿي ويو. جنهن کانپوءِ پوليس ڪار پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي.

خانپور ويجھو جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، ھڪ ڄڻو زخمي

خانپور (ن ع آ) خانپور ويجهو ڳوٺ عالم خان  سعدخاناڻي جتوئي  ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين۾ جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دؤران ڪھاڙي لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو علي ڏنو  سعدخاناڻي جتوئي زخمي ٿي پيو جنھن کي خانپور اسپتال آندو ويو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.