لاڙڪاڻي ۾ بيروزگار پورهيتن کي راشن نه مليو، هزارين مزدور بکون ڪاٽڻ لڳا، واهر لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ضلعي انتظاميه غريب پورهيتن کي راشن نه ڏئي سگهيو، هزارين غريب خاندان لاڪ ڊائون دوران بکون ڪاٽڻ لڳا، پريس ڪلب اڳيان ڪيترن ئي پورهيتن پنهنجي ٻچن سان گڏجي احتجاج ڪندي راشن ۽ مالي سهائتا جي گهر ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي شهر جي الهه آباد سميت مختلف علائقن جي رهواسي پورهيتن پنهنجي ٻارڙن سان گڏجي لاڪ ڊائون دوران راشن ۽ مالي سهائتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيتن فدا حسين، ڦلپوٽو، معين علي کهاوڙ، فضل الدين جکڙ، رڪشا ڊرائيور نذاڪت علي جاگيراڻي، هوٽل مزدور خالد جاگيراڻي، موٽرسائيڪل مستري علي رضا عباسي، برف وڪرو ڪندڙ علي رضا شيخ ۽ ٻين چيو ته اسين روز ڏهاڙي تي پورهيو ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ پاليندا آهيون پر گذريل 6 ڏينهن کان بيروزگار سبب گهر ڀاتي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. هنن چيو ته سنڌ سرڪار طرفان غريب پورهيتن کي راشن ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي پر ضلعي انتظاميه طرفان هن وقت تائين راشن نه ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي مالي سهائتا ڪئي پئي وڃي جنهن ڪري اسان جا معصوم ٻچڙا ۽ گهر ڀاتي بکن ۾ پاءُ ٿي ويا آهن. هنن چيو ته جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن جي دوران راشن نه ورهايو ويو ۽ مالي سهائتا نه ڪئي وئي ته اسان جا معصوم ٻچڙا بک سبب مري ويندا ڇاڪاڻ جو اسان کي ايتري سگهه ناهي جو ٻن ويلن جي ماني کائي سگهون. هنن وزيراعظم عمران خان، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته غريب پورهيتن کي راشن ڏئي سندن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.