ڪورونا هر سال حملو ڪندو…! آمريڪي ماهرن ڇرڪائيندڙ ڳالهه ڪري ڇڏي

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي سائنسدانن ڪورونا وائرس جي سيزنل وائرس بڻجڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري وبا هر سال پکڙجڻ جا امڪان وڌي ويا آهن.

آمريڪي نيشنل هيلٿ انسٽيٽيوٽ ۾ انفيڪشن ڊيزيز تي ريسرچ جي سربراهي ڪندڙ سائنسدان اينٿوني فوڪي هڪ بريفنگ ۾ چيو ته ڪورونا وائرس جي سيزنل فلو يعني هر سال حملو ڪندڙ جا گهڻا مضبوط امڪان آهن.

آمريڪي سائنسدان وائرس مان موثر علاج ۽ فوري طور تي ان جي ويڪسين جي ايجاد تي زور ڏنو.

هن چيو ته اسان شروع کان هن وقت تائين ڏسي رهيا آهيون ته ڏکڻ آفريقا ۽ ڏکڻ ملڪ جيئن ئي سياري جي مند ۾ داخل ٿيا اسان وٽ وارئس جا ڪيس سامهون اچڻ شروع ٿيا، ۽ جيڪڏهن اِها وبا خطرناڪ نموني پکڙجي وئي ته لاعلاج ٿي ويندي.

سندس چوڻ هو ته اسان کي ان ڳالهه جي لاءِ تيار رهڻ جي ضرورت آهي ته اسان ان وبا کي ٻيون ڀيرو به منهن ڏينداسين.

آمريڪي سائنسدان چيو ته اسان کي مڪمل طور تي ان ڳالهه تي زور ڏين جي ضرورت آهي ته اسان ويڪسين تيار ڪرڻ جي لاءِ ڇا ڪري رهيا آهيون، ويڪسين جي فوري ٽيسٽنگ ۽ ان کي آزمائڻ جي لاءِ فوري طور تي تيار ٿيڻ تي ئي ايندڙ سيزن ۾ اسان ويڪسين موجود هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.