اڪري ويجهو بااثرن ڳوٺ جي بجلي ڪاٽي ڇڏي، احتجاج

ڪرونڊي (ن ع آ) اڪري چودڳي لڳ ڳوٺ محمد خان شر جي رهواسي ڳوٺاڻن عبدالرزاق شر  ،وسيم حسن  شر ،زعيم الرحمٰن شر ، امام بخش شر نعيم شر  ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ وڏي وقت کان بجلي هلندڙ ھئي جنهن مان اسان جي ڳوٺ سميت ڪيترائي ڳوٺ روشن هئا پر ڳوٺ جي با اثر هدايت علي شر سڪندر شر قادر بخش ۽ ٻين اسان جي گهرن ڏانهن ويندڙ  ايل ٽي جون تارون بنا جواز لاهي ڇڏيون آهن هنن چيو تج ڄاڻايل با اثر اسان کي بجلي ٻارڻ نه ٿا ڏين هنن چيو ته با اثرن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته بنا جواز اسان جي بجلي با اثرن ڪٽي ڇڏي آهي اھڙي دانهن اسان علائقي جي  چڱن مڙسن کي به ڏني آهي پر ان هوندي به اسان سان تدارڪ نه ٿيو آهي هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته اسان جي بجلي ڪٽيندڙ با اثرن خلاف ڪارروائي ڪري اسان جي بجلي بحال ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.