رحمان ڀولا 20ڪروڙ رپيا ڀتو ورتو : اسپيشل پراسيڪيوٽر

ڪراچي (رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙ عدالت بلديا سانحي ڪيس جي ٻڌڻي دوران اسپيشل پراسيڪيوٽر جنرل ساجد محبوب پنهنجي موقف ۾ چيو ته شاهدن قسم نامن ۾ چيو آهي ته ڀتي  تان فيڪٽري کي باهه ڏني وئي هئي، هن چيو ته فيڪٽري ۾ باهه ڏيندڙن جو تعلق ايم ڪيو ايم سان آهي.هڪ شاهد چيو ته فيڪٽري کي باهه ڏيڻ وقت جوابدار عبدالرحمن ڀولا ٻاهر موجود هو، رحمان ڀولا فيڪٽري جي ملازم منصور کان 20ڪروڙ ڀتو ورتو هو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 24 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ايندڙ ٻڌڻي تي اسپيشل پراسيڪيوٽر جنرل ساجد محبوب پنهنجي دليل جاري رکندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.