انساني دماغ ۾ حيران ڪندڙ سگنل دريافت

برلن  (ويب ڊيسڪ) سائسندانن انساني دماغ ۾ سگنل موڪلڻ واري  هڪ نئين انداز جي عمل کي دريافت ڪيو آهي جيڪو ان کان اڳ سائنس جي علم ۾ نه هيو.

ان دريافت مان خبر پئي آهي ته انساني دماغ پاڻ اڃا تائين اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهي ۽ ان جي ڪمپيوٽنگ قوت به غير معمولي هوندي آهي.

اها دريافت جرمني ۽ يونان جي ماهرن ڪئي آهي. هنن دماغ جي ٻاهرين پاسي  وارن ڪارٽيڪل سيلز (جيو گھرڙن) تي غور ڪيو ۽ انڪشاف ٿيو ته اُهي پنهنجي ڏَڍَ تي ڪجهه سگنل خارج ڪري رهيا آهن. اهڙي طرح دماغ ۾ انفرادي جيوگھرڙا هڪ بلڪل نئين طريقي سان اڳتي وڌندا آهن جنهن سان دماغ گھڻا منطقي (لاجيڪل) عمل انجام ڏيندو آهي.

سائسدانن مرگھي جو شڪار هڪ مريض جي دماغ ۾ روشني خارج ڪندڙ ڪيميڪل وڌو ۽ اتي جيوگھرڙن جي سرگرمي کي خوردبين سان ڏٺو. هنن ڏٺو ته ڪارٽيڪس جا دماغي جيوگھرڙا نه رڳو سوڊيم آئن خارج ڪري رهيا هئا پر ڪئلشيئم جا آئن به فائر ڪري رهيا هئا.

اهڙيءَ طرح هاڪاري چارج وارا آئن ڪجهه اهڙيءَ طرح چارج خارج ٿي رهيا هئا جيڪي ان کان ناهن ڏٺا ويا. ماهرن ان نئين دريافت جي عمل کي ڪيلشيئم ميڊيٽڊ ڊينڊرٽڪ ايڪشن پوٽينشل يا dCaAP جو نالو ڏنو آهي.

انساني دماغ کي گھڻو ڪري ڪمپيوٽر سان به ڀيٽيون ويندو آهي. جيتوڻيڪ ان ۾ به ڪجهه حدون آهن پر ڪجهه سطحن تي ڪمپيوٽر انساني دماغ جيان ئي ڪم ڪندو آهي. انساني دماغ ۽ ڪمپيوٽر ٻئي مختلف معاملن لاءِ برقي سگنل استعمال ڪندا آهن. انساني دماغ ۾ نيورون اهو ڪم ڪندا آهن ۽ ڪمپيوٽرن ۾ چپس ۽ ٽرانسسٽر اليڪٽران فائر ڪندا آهن.

ٻئي پاسي دماغ جيوگھرڙا يا نيورون، برقي ٽرانسسٽر جي برخلاف جيوگھرڙن جي شاخدار چاڙهه جي ڪنارن مان ڪيميائي پيغام اڳتي روانو ڪندا آهن. انهن ساختن کي ڊيڊرائيٽس چيو ويندو آهي. انهن کي سمجهي اسان دماغ کي سٺي طرح ڄاڻي سگھون ٿا ڇو جو هڪ نيورون جي قوت کي به وڌائڻ ۾ ان جو مک ڪردار هوندو آهي.

همبولٽ يونيورسٽي جي سائنسدان ميٿيو لارڪم موجب ڊينڊرائيٽس پاڻ ٽريفڪ سگنل جيان ڪم ڪندا آهن. جڏهن  اهي اجازت ڏيندا آهن تڏهن ئي سگنل ٻِين عضون تائين اڳتي پهچندا آهن. اهڙيءَ طرح انساني ڪارٽيڪس کان وڌيڪ پيچيدهه شيءِ دماغ ۾ ٻي ڪا به ناهي. هتي ڊينڊرائيٽس احساس، خيال، حرڪت ۽ ٻين اهم معاملن کي قابو ڪندا آهن.

سائسدانن موجب اهو پهريون خوشگوار موقعو آهي جو ڊينڊرائيٽ جي اها حيران ڪندڙ صلاحيت سامهون آئي آهي. ان کان پوءِ سائنسدانن ڪوئن تي به ڪجهه تجربا ڪيا ۽ ڊينڊرائيٽ مان نڪرندڙ سگنلن جي تصديق ٿي.

ڪوئن تي سوڊيم چينل بند ڪندڙ هڪ دوا وڌي وئي تڏهن به ڊينڊرائيٽ مان ڪيلشيئم آئن فائر ٿي رهيا هئا پر ان دريافت جي ڪجهه سائنسدان ان جو سبب ڄاڻڻ لاءِ وڌيڪ تحقيق ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.