نئون عمراني معاهدو ڪري قومن جا حق تسليم ڪيا وڃن: اسرار الله زهري

حب(رپورٽ: يار محمد بروهي) بي اين پي عوامي جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس ڪراچي ۾ مرڪزي صدر مير اسرار الله زهري جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ملڪي، عالمي، علائقائي سياسي معاشرتي پهلوئن جو تفصيلي جائزو وٺي بحث ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته ملڪ جو مستقبل حقيقي جمهوريت سان ڳنڍيل آهي، آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪندي بنيادي جمهوري اصولن جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي هر ادارو هڪ ٻئي جو احترام ڪري، بغير ڪنهن مداخلت جي عدليه جي آزادي،پارليامينٽ جي بالادستي ۽ صحافت جي آزادي تي يقين رکون ٿا، اسرار الله زهري چيو ته اليڪشن ۾ ٺپا مافيا جي حوصله افزائي هن ملڪ جي عوام سان جٺ آهي، 2018ع جي اليڪشن ۾ بي اين پي عوامي سان انتهائي زيادتي ڪئي وئي، ۽ بي اين پي عوامي جي کٽيل بازي کي هارائڻ لاءِ وڏي منظم انداز سان ڌانڌلي ڪئي وئي، اڳواڻن چيو ته طاقت جي استعمال سان هميشه ملڪ تي منفي اثر پيا آهن، حيرانگي جي ڳالهه اها آهي ته دنيا جي گذريل تاريخن مان اسان ڪو به سبق ناهي سکيو، اسان اڃا تائين ماضي جي روايتن مان جان ناهي ڇڏائي، اجلاس ۾ چيو ويو ته نئين عمراني معاهدي تحت گڏجي ويهي قومن جا بنيادي حق تسليم ڪيا وڃن،وڌ کان وڌ صوبائي خودمختياري ڏني وڃي، رڳو ٽي سبجيڪٽ وفاق وٽ هجن، ان سان وفاق مضبوط ٿيندو، آئين ۽ قانون جي بالادستي سان هن ملڪ جي معيشت کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو، هنن چيو ته استحصالي نظام ختم ڪري وسيلن جي غيرمنصفاڻي ورڇ ختم ڪئي وڃي،سي پيڪ جا سمورا منصوبا گوادر ۽ بلوچستان مان شروع ڪيا وڃن، بلوچستان جي عوام کي روزگار، تعليم، صحت، مواصلاتي نظام فراهم ڪيو وڃي، هنن اهو به مطالبو ڪيو ته بلوچستان جي وسيلن جي تحفظ لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي ته جيئن صوبي مان احساس محرومي ختم ٿئي، بي اين پي عوامي سينٽرل ڪميٽي صوبي جي حقن لاءِ سمورين قومپرست پارٽين کي اتحاد جي دعوت ڏني آهي، اڳواڻن چيو ته بلوچستان کي غيرسياسي بڻائڻ جي سازش ڪئي وئي، وچ اوڀر جهڙي رٿابندي هتي ڪئي وئي آهي، جيئن صوبي جي وسيلن تي قبضو ڪري سگهجي،تباهي کي روڪڻ لاءِ اسان جنگ بدران پاڙيسري ملڪن سان اقتصادي معاهدو ڪري بارڊر ٽريڊ کي منظم ڪري پنهنجي معيشت جي گاڏي صحيح ٽريڪ تي آڻي سگهون ٿا،جيڪڏهن ايٽمي جنگ ڇيڙي وئي ته ڪنهن جي به سوڀ نه ٿيندي، ان ڪري پارٽي سمجهي ٿي ته غيرجانبداراڻي پرڏيهي پاليسي جيو ۽ جيئڻ ڏيو جي اصولن تي بڻائي وڃي، جڏهن ته اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته پارٽي کي منظم ڪرڻ ۽ شعوري سياست جي فلسفي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڊويزنل ڪنوينشن منعقد ڪيا ويندا، سيمينار ۽ ورڪرز ڪانفرنس به گهرايون وينديون، ان سلسلي ۾ ڪميٽيون به قائم ڪيون ويون جڏهن ته بلوچستان ۾ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ خلاف 27 جنوري تي ڊي سيز آفيسن آڏو ڌرڻن جو به اعلان ڪيو ويو، سبي ۾ پارٽي کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ 13 رڪني آرگنائزنگ ڪميٽي جوڙي وئي، ان موقعي تي ملا واحد نوري  کي فشريز سيڪريٽري، ايڊوڪيٽ محمد حسن کي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، صاحب داد رند کي جونيئر سيڪريٽري، سينٽرل ڪميٽي جي ميمبرن ۾ نبي بخش بابر، ساجد عمراڻي، علي جان جوسڪي، محمد اقبال، عبدالوڪيل مينگل، مقبول احمد، محمد اڪبر، مير ظفرالله زهري، ڊاڪٽر محمد مراد مينگل، شفيع مينگل ۽ محي الدين بلوچ کي چونڊيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.