ڪنڌڪوٽ: ايس ايس پي جي کليل ڪچهري، شڪايتن جا انبار

وامي آواز رپورٽ
ڪنڌڪوٽ: ايس ايس پي جي کليل ڪچهري، شڪايتن جا انبار
وامي آواز رپورٽ ڪنڌڪوٽ: ايس ايس پي جي کليل ڪچهري، شڪايتن جا انبار

 

 

ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ سيد اسد رضا شاھ پاران کليل ڪچھري ڪرائي وئي جنهن ۾ ماڻھن شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا

ڪنڌڪوٽ ويجھو مياڻي ايٽ بڊاڻي ٿاڻي تي ايس ايس پي پاران کليل ڪچهري ڪرائي وئي جنهن ۾ حاجي الله رکيو سولنگي شڪايت ڪندي چيو ته 6 مھينا اڳ قتل ٿيل ممتاز سولنگي جا قاتل مياڻي پوليس گرفتار ناهن ڪيا ۽ صحافي غلام ياسين ڀٽو شڪايت ڪندي چيو ته اٺ سال پهريان چار چاچا قتل ٿيا هئا جنهن جي قاتلن اڳيان مياڻي پوليس بيوس بڻيل آهي  رياض ڀٽو  چيو ته بڊاڻي شھر جي ھوٽلن تي صبح جو اسڪول جي ٽائم  ۾ فلمون ھلڻ ڪري ننڍڙي ٻارن جي تعليم متاثر ٿئي ٿي اسڪول جي ٽائم فلمون بند ڪرايون وڃن يوسي بڊاڻي جي چيئرمين رئيس اقبال ڀٽو شڪايت ڪندي چيو ته پوليس کي سھولتون نه ھئڻ ڪري چور شھر جون چوريون ڪري  آساني سان درياه پار ڪري وڃن ٿا جنهن ڪري درياه بند تي پڪٽ قائم ڪئي وڃي

ايس ايس پي سيد اسد رضا شاھ شڪايتون نوٽ ڪندي يقين ڏياريندي چيو ته اوهان جي مسلن کي جلد حل ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.