جوهي ڀرسان موٽرسائيڪل ڦر، مزاحمت تي ڳوٺاڻو زخمي

جوهي (ت ر  )  جوهي ٿاڻي جي حد حاجي خان موري وٽ 5 هٿيار بندن پاران موٽر سائيڪل ڦُر دوران مزاحمت ڪرڻ تي ڳوٺ مست ڪهير شاهه جيرهواسي محمد صالح ولد محمد حسن چانڊيو کي پسٽل جا فائر ڪري زخمي ڪري وڌو جنهن کي فوري طور تي زخمي حالت ۾ تعلقي اسپتال جوهي پهچايو ويو آهي، زخمي موجب هٿياربند کائنس موٽر سائيڪل ڦُر ڪري رهيا هيا مزاحمت تي کيس زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن، ان موقعي تي زخمي اسپتال ۾ ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته ڳوٺ کان جوهي اچي رهيو هئيس ته ٿوري اونداهه به هئي ڦورو حجي خان موري وٽ ھٿارن جي زور تي روڪي ڦر جي ڪوشش ڪئي ڦورن جي سڌو اچي ويس ته انهن فائرنگ ڪئي جنهن ۾ زخمي ٿي پيس، هن مطالبو ڪيو ته ڏوهاري ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.