پاڪستان ۾ 5 جي ٽيڪنالاجي ۽ لاڳاپيل سروسز جي آزمائش شروع

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) 5 جي ٽيڪنالاجي ۽ لاڳاپيل سروسز جي آزمائش شروع ڪري ڇڏي.

پي ٽي اي ذريعن موجب 31 ڊسمبر 2019 تائين سڄي پاڪستان ۾ 4 جي ٽيڪنالاجي 5 جي ٽيڪنالاجي ۾ تبديل ٿيڻ جو امڪان آهي.

ان حوالي سان سي ايم پاڪ 5 جي جي ڪامياب آزمائش ڪندڙ چيني ادارو پهريون پاڪستاني ٽيلي ڪام آپريٽر بڻجي ويو آهي.

پي ٽي اي پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي جديد ٽيڪنالاجي کي تيز رفتاري سان اختيار ڪري رهيو آهي پر 5 جي وائرليس ٽيڪنالاجي جهڙي منزل حاصل ڪرڻ ۽ صلاحيت ذريعي هاڻ ڊجيٽل پاڪستان جي منزل پري ناهي.

پي ٽي اي موجب فائيو جي جي حوالي سان چيني سيلولر ڪمپني ان ڪاميابي سان فائيو جي جي آزمائش ڪئي آهي، ان سان مستقبل ۾ فائيو جي کي وڌيڪ هٿي ملڻ جا امڪان آهن.

پاڪستان ٽيلي ڪام اٿارٽي ٽيلي ڪام سيڪٽر ريگوليٽر ٿيڻ جي حيثيت سان پاڪستان ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي لاءِ ڪوششن ۾ آهي.

پاڪستان ۾ 5 جي ٽيڪنالاجي ۽ لاڳاپيل سروسز جي شروعات هلندڙ سال جي پڄاڻي تائين ٿيڻ جو امڪان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.