رپورٽ:  کوسڪي: سم نالي ۾ ٻڏي فوت ٿيل ڌنار جو لاش هٿ

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: کوسڪي: سم نالي ۾ ٻڏي فوت ٿيل ڌنار جو لاش هٿ
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: کوسڪي: سم نالي ۾ ٻڏي فوت ٿيل ڌنار جو لاش هٿ

 

کوسڪي ويجهو ٽي ڏينهن پهريان سم نالي ۾ ٻڏي ويل ڏنار جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي.

26ورهين جو شبير احمد کوسو 3 ڏينهن پهريان سم نالي ۾ لڙهي ويو هو، جنهن جو لاش ٽنڊو باگو ڊرين آر ڊي 60 وٽان هٿ آيو.

ڄاڻ پوليس پهچي هٿ آيل لاش کڻائي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

فوتي جي ڀاءُ لياقت کوسي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شبير احمد ڌنار هيو جيڪو مال چاريندي پير ترڪڻ ڪري سم نالي ۾ ٻڏي ويو هو

سندس چوڻ هو ته سم نالو وڏو هئڻ ڪري نوجوان جو لاش بروقت هٿ نه آيو هو.

هوڏانهن فوتي جي جنازي بعد مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو…………..

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.