[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ: هالاڻي: جشن آزادي جي حوالي سان رنگا رنگي تقريب” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/20190809Halani Pkg-06.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]
ھالاڻي جي گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول ۾ جشن آزدي جي موقعي پر وقار تقريب ڪوٺائي وئي، جنھن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر محرابپور، مختيارڪار ۽ ٽائون چئيرمين سوڌو استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
اسسٽنٽ ڪمشنر طاھر جاويد قومي جهنڊو ڦڙڪائي تقريب جي شروعات ڪئي.
ان موقعي تي شاگردن خطاب ڪندي چيو آزادي هڪ نعمت آهي، جنهن لاءِ سندن وڏڙن جان ۽ مال جون قربانيون ڏنيون آهن.
سندن چوڻ هو ته جنهن قوم جو پنهنجو ملڪ ناهي اها دربدر آهي، تنهن ڪري ملڪ جو هر ماڻهو پنهنجي وطن جي دفاع لاءِ هر وقت تيار رهندو آهي.
تقريب ۾ شاگردن ملي نغما ۽ مختلف ٽيبلوز پيش ڪري ماڻهن جو ڌيان ڇڪايو.
تقريب جي پڄاڻي تي خاص مهمانن شاگردن ۾ شيلڊون ۽ انعام ورهائي داد ڏنو…………