پاڪ آمريڪا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ ۾ ايونڪا ٽرمپ به هاڪاري ڪردار ادا ڪري رهي آهي: فردوس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ ۾ صدر ٽرمپ جي نياڻي ايونڪا ٽرمپ هاڪاري ڪردار ادا ڪري رهي آهي.  سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽويٽر تي ٽويٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ ۾ صدر ٽرمپ جي نياڻي به هاڪاري ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته  ايونڪا ٽرمپ ذلفي بخاري سان ملاقات ۾ ملڪ جي عورتن کي بااختيار بڻائڻ  لاءِ سهڪار جي آڇ ڪئي جيڪو سٺو سنوڻ آهي. هن چيو ته هيومن ريسورس ڊولپمينٽ، روزگار کي هٿي ۽ وزيراعظم جي دل جي ويجهو احساس پروگرام جي حمايت نهايت سٺو سنوڻ آهي.  سندس چوڻ هو ته ايوانڪا ٽرمپ جو پاڪستان ۾ عورتن جي ڀلائي جي منصوبن ۾ دلچسپي جو اظهار وزيراعظم عمران خان جي عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ويزن کي مڪمل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عورتن جا حق اسان جي دين ۽ آئين جو حصو آهي، اقتصادي محاذ تي ڪاميابي لاءِ عورتن جي معاشي ترقي نهايت اڻٽر آهي، دنيا ۾ اهڙن معاشرن ترقي ڪئي جتي مختلف زندگي جي شعبن ۾ عورتن جو مرڪزي ڪردار رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.