ڇا حيدرآباد برسات لاءِ تيار آهي..؟؟؟

اعجاز چانڊيو

گرمي ۽ ٻوسٽ ڄڻ ته ساهه پئي سڪايو ۽ سج جي تپيل اس ته کل پئي ساڙي، مون سوچيو ته اها موسم اڃا ڪيترو هلندي، اها خبر ڄاڻڻ لاءِ موسميات کاتي جي ويب سائيٽ کوليم، جتان خبر پئي ته ايندڙ ڇنڇر ڏينهن کان حيدرآباد ۾ سانوڻي جون برساتون شروع ٿيڻيون آهن ۽ شايد گرمي به ان ئي ڪري ٿي آهي، اهڙي صورتحال ۾ مون پئي سوچيو ته ڇا حيدرآباد انتظاميا سانوڻي جي برساتن جي پاڻي جي نيڪالي لاءِ تياري ڪئي آهي، جڏهن شهر جي صورتحال تي نظر ڦيرائي ته اهڙو ڪو به انتظاميا جو عمل نظر نه آيو، جنهن مان لڳي رهيو هجي ته موسميات کاتي پاران برساتن جي اڳڪٿي ڪرڻ کان پوءِ برساتي نالن جي صفائي سٿرائي جو ڪم شروع ڪيو ويو هجي.

هونئن ته برسات آسمان مان وسندڙ رحمت هوندي آهي، پر اسان وٽ انتظاميا جي نااهلي ڪري رڳو هڪ ڪلاڪ جي پوندڙ برسات رحمت بجاءِ زحمت بڻجي ويندي آهي، برسات جي پهرين پوندڙ ڦڙين دوران ماڻهو برسات جو نچي ڪڏي آڌرڀاءُ ڪندا آهن، پر بعد ۾ ڏٺو اهو ويو آهي ته ماڻهو پنهنجي نقصان کان بچڻ لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي ڪڪرن کي ڏيکاريندا آهن ۽ ڪڪرن کي آسمان ڇڏي وڃڻ لاءِ پيا دعائون گهرندا آهن.

مون کي اهي ڏينهن به ياد آهن، جڏهن حيدرآباد ۾ شديد برسات پئي هئي، سستيءَ جو مظاهرو ڪندي انتظاميا برسات کان اڳ پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا هئا، جنهن ڪري هڪ ٻن ڏينهن جي تيز پيل برسات کان پوءِ حيدرآباد جي لطيف آباد واري شهري علائقن ۾ برسات وڏي تباهي ڪئي هئي، چئن ڦٽن تائين پاڻي سڄي لطيف آباد کي گهيري ورتو هو، ماڻهن جي گهرن ۾ پيل سمورو سامان برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويو هو، ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو، ماڻهن جا ڪچا گهر ڊهي پيا، فرنيچر ٻڏي ويو، جنهن بعد انتظاميا اک پٽي هئي ۽ ٻيڙيون هلائي ماڻهن کي برسات جي پاڻي مان ٻاهر ڪڍيو ويو هو.

هن وقت به سانوڻي جي تيز برساتن پوڻ جون خبرون ميڊيا ۾ به تيزي سان گردش ڪري رهيون آهن، پر حيدرآباد انتظاميا توڙي حيدرآباد جو ميئر اڃا تائين ڪنهن به برساتي نالي جي صفائي سٿرائي واري ڪم ۾ سرگرم نظر ناهي اچي رهيو، هاڻي ڊپ اهو پيدا ٿي پيو آهي ته جيڪڏهن جلد ئي برسات جي پاڻي جي نيڪال وارو سسٽم درست نه ڪيو ويو ۽ ضلعي انتظاميا برسات جي منهن ڏيڻ جي تياري نه ڪئي ته هڪ دفعو ٻيهر حيدرآباد شهر برسات سبب ٻڏي سگهي ٿو ۽ ماڻهن کي هڪ دفعو ٻيهر وڏي نقصان کي منهن ڏيڻ جو انديشو وڌندو پيو وڃي.

اسان ته عوامي آواز ۾ وقتن بوقتن اهي خبرون رپورٽ ڪندا رهيا آهيون ته حيدرآباد شهر جي ڦلاڻي علائقي ۾ گندي پاڻي جي نيڪال واريون ناليون بند هجڻ ڪري گندو پاڻي روڊن ۽ رستي تي چڙهي پيو ۽ ماڻهن جي لنگهڻ جا گس بند ٿي ويا، نمازي مسجدن تائين نه وڃي سگهي ۽ معصوم ٻارڙا اسڪولن تائين پهچڻ ۾ سخت تڪليفن کي منهن ڏيندا رهيا، ضلعي انتظاميا کي ماڻهن کي پيش ايندڙ تڪليفن جو احساس ڪري شهر جي برساتي پاڻي جي نيڪال وارين نالين جي ترت صفائي ڪرائي برسات کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري ڪرڻ گهرجي.

اسان وٽ ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ پيل ٿورڙي برسات جو مثال موجود آهي، ان هلڪي ڦلڪي پيل برسات ئي شهر کي گند ڪري ڇڏيو، مک رستن تي گندو پاڻي بيهي ويو، شهر ۾ بدبوءِ پيدا ٿي وئي، هڪ حيدرآباد انتظاميا جي نااهلي، ٻيو ان اڌ ڪلاڪ جي پيل هلڪي برسات سبب حيسڪو وارن به پنهنجا ڪلور ڪري ڇڏيا، برسات کان اڳ جيئن کي طوفان آيو، تيئن کي حيسڪو وارن پنهنجا 60 بجلي جا فيڊر بند ڪري ڇڏيا، جنهن سبب بدين، نوابشاهه، ٽنڊومحمد خان ۽ حيدرآباد سميت ڪيترائي شهر اونداهي ۾ ٻڏي ويا، شهرن ۾ پمپنگ اسٽيشون بند ٿي ويون، جنهن ذريعي پاڻي نيڪالي ڪيو ويندو آهي، جڏهن پمپنگ اسٽيشنون بند ٿيون ته پاڻي جي نيڪال جو نظام مڪمل طور تي بند ٿي ويو، ٻن ڏينهن گذرڻ جي باوجود حيسڪو وارن پنهنجو سسٽم درست ناهي ڪيو، جنهن ڪري اها اڌ ڪلاڪ واري برسات ماڻهن لاءِ بجلي جي بريڪ ڊائون جي مصيبت کڻي آئي آهي.

سنڌي ۾ چوڻي آهي ته برسات کان اڳ پنهنجا بند مضبوط ڪرڻ گهرجي، پر اسان وٽ ٿيندو ائين آهي ته پهريان برسات کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ڪئي ويندي، جڏهن برسات پوندي آهي ۽ شهر ٻڏي ويندو آهي ته پوءِ انتظاميا هاءِ گهوڙا ڪري پاڻي جي نيڪال لاءِ فنڊن جي گهر ڪندي آهي، تيستائين پاڻي ماڻهن جو نقصان ڪري ويندو آهي ۽ فنڊ تڏهن جاري ٿيندا آهن، جڏهن برساتي پاڻي سڪي ويندو آهي ۽ ايندڙ فنڊ ڪاغذي ڪارروائي جي رخ چاڙهي ويندا آهن، اهي هڙپ ڪيا ويندا آهن، تنهن ڪري انتظاميا کي گهرجي ته اها هاڻي کان ئي برسات کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري ڪري، برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ حڪمت عملي جوڙي برساتي نالن جي صفائي ڪرائي وڃي ته جيئن ماڻهن کي وڏي نقصان کان بچائي سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.