فضل الرحمان جا بلاول، شهباز،مريم ۽ٻين اپوزيشن اڳواڻن سان رابطا

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان مخالف ڌر جي پارٽين سان رابطا ڪري اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي.جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ نائب صدر مريم نواز سان فون تي رابطو ڪري اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. مولانا فضل الرحمان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي، پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي ۽ نيشنل پارٽي جي اڳواڻ حاصل بزنجي سان به رابطو ڪيو. جي يو آءِ ف سربراهه اختر مينگل سان به رابطو ڪيو پر ملڪ کان ٻاهر هئڻ سبب ساڻس رابطو نه ٿي سگهيو.  مولانا فضل الرحمان دعويٰ ڪئي ته اختر مينگل کي  اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي. جي يو آءِ ف طرفان 26 جون تي اسلام آباد ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جي آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي آهي. هوڏانهن  نيشنل پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر مير حاصل خان بزنجي ۽ مير ڪبير جميعت علماءِ اسلام (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ 26 جون تي ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس جي حوالي سان ايجنڊا، هاڻوڪي بجيٽ ۽ ٻين گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.حاصل بزنجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملاقات ۾ اي پي سي ايجنڊا تي ڳالهيون ٿيون،

فضل الرحمان جي مخالف ڌر کي ٻيهر گڏيل استعيفائن جي تجويز

اسلام آباد(م ڊ) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ گڏيل مخالف ڌر کي گڏيل طور تي استعيفائن جي تجويز پيش ڪئي آهي،ذريعن موجب هن اها تجويز مخالف ڌر جي قيادت سان تازين ملاقاتن دوران پيش ڪئي، جي يو آءِ ف جو سربراهه ان قدم ذريعي حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿو، جڏهن ته هن ان آپشن کي آخري هٿيار طور استعمال ڪرڻ جو چيو آهي، ٻئي پاسي مخالف ڌر جي پارٽين ان حوالي سن کيس مشاورت جي خاطري ڪرائي آهي، ايم ايم اي جي پارلياماني اڳواڻ اسعد محمود هڪ نجي ٽي وي کي ٻڌايو ته اي پي سي دوران مولانا جي ان تجويز تي غور ڪيو ويندو جڏهن ته فضل الرحمان جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق سان هڪ ڪلاڪ ڊگهي ملاقات ۾ صلاح مشورا ڪيا، ان حوالي سان هن جو چوڻ هو ته سراج الحق ڪنهن قسم جي ناراضگي جو اظهار ناهي ڪيو، اي پي سي جي فورم تي جيڪي فيصلا ٿيندا انن کانپوءِ ئي ان تي تبصرو ڪيو ويندو،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.