ڀٽو جو اٽي، لٽي ۽ اجهي وارو نعرو ڀٽو سان گڏ ئي دفن ٿي ويو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀٽو جو اٽي، لٽي ۽ اجهي وارو نعرو ڀٽو سان گڏ ئي دفن ٿي ويو آهي، گذريل حڪومتن پورهيتن کي نظرانداز ڪيو.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هو اڄوڪي ڏينهن تي محنت ڪشن کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو.

پرڏيهي وزير جو چوڻ هوته گذريل حڪومتن پورهيتن کي نظرانداز ڪيو، ڀٽو جو اٽي، لٽي ۽ اجهي وارو نعرو ڀٽو سان گڏ ئي دفن ٿي ويو .

شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ حڪومت محنت ڪشن ۽ مزدورن جي جدوجهد کي تسليم ڪري ٿي، پورهيت طبقو تبديلي آڻڻ ۾ هر اول سپاهي جو ڪردار ادا ڪندا آهن.

پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته سڄي دنيا جو مزدور اڄ پنهنجي روزي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ڪري رهيو آهي، تحريڪ انصاف حڪومت پورهيتن کي سندن حق ڏيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.