لاهور(ويب ڊيسڪ) نيب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت تائين شريف فيملي بابت 3 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪرڻ جا ثبوت حاصل ڪيا ويا آهن.
تفصيل موجب نيب رمضان شگر مل جي مينيجر ۽ شريف فيملي جي فرنٽ مين محمد مشتاق عرف چيني جي جاچ رپورٽ احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، ۽ خابرو ادارن رپورٽ جص ڪاپي به حاصل ڪري ورتي آهي.
جاچ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نيب هن وقت تائين 2 لک 50 هزار ڊالر جي منتقلي جا دستاويزي ثبوت ۽ هانگ ڪانگ ۾ قائم گرين لينڊ، دبئي ۾ براسل، ايم پي ٽريڊنگ ۽ الودي ڪمپني جو ريڪارڊ حاصل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سوفٽ ميسجز، آر فارمز ۽ بينڪن جو ريڪارڊ به حاصل ڪيو آهي.
رپورٽ موجب شريف فيملي کي ٽيليگراف جي ذريعي 1 لک کان 2 لک 50 هزار آمريڪن ڊالر منتقل ٿيا، شهباز شريف جي پٽ سلمان شهباز شريف وقار ٽريڊنگ جي نالي سان ڪمپني بڻائي رکي آهي جيڪا شريف فيملي جي ذاتي ملازم سيد طاهر نقوي جي نالي تي رجسٽرڊ آهي، ملازم جي ڪمپني وقار ٽريڊنگ ۾ ڳري رقم چيڪ ذريعي جمع ٿيندي رهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مشتاق چيني جي پٽ ياسر مشتاق جي نالي به پرڏيهي ڪرنسي منتقل ٿيندي رهي جڏهن ته نيب هن وقت تائين شريف فيملي بابت 3 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪرڻ جا ثبوت حاصل ڪري ورتا آهن.