ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جي مک جوابدار ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، جڏهن ته فريادي طرفان رحيم شاهه خلاف هٿيار جي غلط استعمال وارو ڪيس به داخل ڪرائڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران جوابدار رحيم شاهه کي پيش ڪيو ويو.
ٻڌڻيءَ دوران فريادي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته جوابدار لائسنس واري هٿيار سان ارشاد رانجهاڻي تي فائرنگ ڪئي هئي، تنهن ڪري جوابدار خلاف هٿيار جي غلط استعمال وارو به ڪيس داخل ڪيو وڃي.
هن چيو تھ عدالت کي درخواست آهي ته جوابدار خلاف وڌيڪ ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي.
ان موقعي تي جوابدر رحيم شاهه طرفان به ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي وئي، جنهن تي عدالت فريادي ۽ سرڪاري وڪيل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
جوابدار جي وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي تھ ڊي ايس پي شاهاڻي کي آزاد ڪيو وڃي ۽ جوابدارن کي چالان جي ڪالم ٽو ۾ رکيو وڃي.
فريادي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو تھ جاچ آفيسر شروع کان ئي جانبدار جاچ ڪئي آهي.
عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 8 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي………….