ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سمارٽ فون ته اڄڪلهه لڳ ڀڳ هر هڪ وٽ ئي موجود آهن ۽ ماڻهو انهن جي فيچرن جو بهترين اسعتما ڪرڻ به ڄاڻن ٿا. پر وري به سمارٽ فون ۾ ڪجهه اهڙيون شيئون لڪل هونديون آهن جنهن بابت اڪثر ماڻهو اڻڄاڻ هوندا آهن. ان ڏس ۾ ڪجهه اهڙيون ئي ڳجهون ٽرڪون پيش ڪري رهيا آهيون جيڪي سمارٽ فون صارفن لاءِ ڪافي مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون.
آٽو روٽيٽ آپشن
اوهان کي سمارٽ فون ۾ اسڪرين روٽيشن فنڪشن کي ڊس ايبل رکڻ گهرجي ۽ ضرورت پوڻ تي ئي استعمال ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو ان جي استعمال سان هڪ خاص سنسر ايڪسلوميٽر حرڪت ۾ ايندو آهي جيڪو بيٽري کي تيزي سان ختم ڪندو آهي.
چارجنگ دوران فون استعمال نه ڪريو
ڇا اوهان کي خبر آهي ته چارجنگ ڪيبل کي گهڻو ڊگهو ڇو ناهي رکيو ويندو؟ ان جو سبب فون کي چارجنگ دوران استعمال ڪرڻ واري عمل کي ختم ڪرڻو آهي ڇاڪاڻ ته ان عمل سان موبائيل بيٽري متاثر ٿيندي آهي.
تيز چارجنگ
جيڪڏهن توهان فون کي تيزي سان چارج ڪرڻ چاهيو ٿا ته ائير پلين موڊ ڪري چارج ڪريو، ڇاڪاڻ ته ان دوران فون سگنل سرچ ناهي ڪندو ۽ بيٽري تيزي سان چارج ٿيندي آهي، جيتوڻيڪ هاڻ اڪثر ڪمپنيون فاسٽ چارجنگ سپورٽ ڏينديون آهن پر پر هاڻ به اها ٽرڪ فاسٽ چارجنگ لاءِ بهترين آپشن آهي.
شٽر بٽڻ جو استعمال
جيڪڏهن اوهان ڪيمرا اوپن ڪري تصوير ڪڍڻ چاهيو ٿا ته شٽر يا تصوير ڪڍندڙ بٽڻ کي دٻائي رکو ته هڪ سيڪنڊ ۾ ڪيئي تصويرون ڪڍي سگهو ٿا( اهو فون تي ڀاڙي ٿو ته ان ۾ ڪيتريون تصويرون ڪڍڻ جي صلاحيت موجود آهي)، ڪيئي ماڻهو ان آپشن کان اڻڄاڻ هوندا آهن پر اها هڪ جادوئي قسم جي ٽرڪ آهي ۽ استعمال ڪرڻ جهڙي پڻ.
واليوم بٽڻ کي شٽر بٽڻ طور استعمال ڪريو
ڪيئي ڀيرا ڊيفالٽ شٽر بٽڻ کي دٻائڻ ڏکيو هوندو آهي خاص طور تي جيڪڏهن فون جو ڊسپلي تمام وڏو هجي، جنهن جي نتيجي ۾ تصوير خراب ٿي ويندي آهي يا فون به هٿ مان ڪري سگهي ٿو، ته اوهان واليوم کي به شٽر بٽڻ طور استعمال ڪري سگهو ٿا.
ويڊيو جي آڊيو بهتر ڪرڻ
توهان فون جي مائيڪرو فون کي ڪور ڪري ويڊيو ٺاهيندي آڊيو جو معيار بهتر بڻائي سگهو ٿا، ائين ڪرڻ سان بيڪ گرائونڊ نوائز لڪي ويندا آهن ۽ مين آڊيو اسٽريم کي بهتر طريقي سان ٻڌي سگهبو آهي، بس ويڊيو ٺاهيندي آڱر سان مائيڪرو فون کي ڪور ڪري ڇڏيو.
بليڪ وال پيپر
فون جون بيٽريون تمام تيزي سان ختم ٿينديون آهن ۽ ان کي روڪڻ جو هڪ سٺو طريقو فون جي پس منظر ۾ ڪنهن تصوير بدران بليڪ وال پيپر کي استعمال ڪرڻ به آهي.
الارم جو آواز تيز ڪريو
جيڪڏهن اوهان کي ڊپ ٿئي ٿو ته سمارٽ فون جي الارم جو آواز اوهان کي ننڊ مان اٿارڻ ۾ ناڪام رهندو ته پنهنجي فون کي هڪ ڪپ يا مگ ۾ رکي ڇڏيو، ائين ڪرڻ سان الارم جو آواز وڌي ويندو، يقين نٿو اچي ته اها ٽرڪ ته ضرور آزمايو.
فون کي ري اسٽارٽ ڪرڻ عادت بڻايو
اوهان جو فون هر وقت بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو نٿو ڪري سگهي، پر جيڪڏهن اوهان چاهيون ته فون جي ڪارڪردگي سدائين هڪجهڙي رهي ته هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽه دفعا ان کي ري اسٽارٽ ڪريو، اهڙي ريت ايپ ري سيٽ ٿينديون ۽ سمارٽ فون کي ڪجهه آرام پڻ ملي ويندو.