ٺٽي جي سامونڊي پٽي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، زرعي معيشت تباهه، آپگهات جو لاڙو

ڀنڀور(رپورٽ: مقصود احمد جوکيو) ٺٽي ضلعي جي ساحلي پٽي ۾ آبادي لاءِ پاڻي پهچائيندڙ لڌيا شاخ، ڄام واهه ۽ ڄام برانچ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي، انسان، جانور جيوت ۽  پکي پيئڻ جي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپڻ لڳا.

پاڻي جي کوٽ ساحلي پٽي جي سوين ڳوٺن کي ويران ڪري ڇڏيو، هزارين ماڻهو پنهنجا گهر، روزگار ۽ زمينون ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا، سڄي علائقي جا جر به زهريلا بڻجي ويا، فصل نه ٿيڻ سبب بيروزگاري وڌڻ ڪري ڪيترن ئي ماڻهن خودڪشيون ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو ئي اجهائي ڇڏيو.

ان سلسلي ۾ “عوامي آواز” سان ڳالهائيندي ڄاڻايل شاخن جي پڇڙي جي زميندارن وحيد رند، مير ممتاز رند، عبدالمناف رند، ماما خدابخش رند، حاجي قابل ھنڱورو، مولوي اوڀايو رند، علم الدين، رمضان ڪاتيار، صوفن خاصخيلي،  عبدالرزاق خاصخيلي وفا اصغر جت ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڄاڻايل شاخن ۾ سنڌو درياهه جي ڊائون اسٽريم مان پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو آهي.

شاخن جي منڍ جا آبادگار غير قانوني واهه، ڪٽ ۽ دڪا لڳائي شاخن جو پاڻي کڻي وڃن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ ساحلي پٽيءَ تائين پاڻي نٿو پهچي، جنهن ڪري سندن لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي.

هنن چيو ته شاخن ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري اسان ڪوسٽل ايريا جا ماڻھو سخت پريشان آھيون، ايريگيشن کاتي جي ملي ڀڳت سبب شاخن جي منڍ جا زميندار ناجائز ڪٽ، اوور سائيز واٽر ڪورس ۽ غير قانوني شاخن تي دڪا لڳائي ويٺا آهن.

هنن اهڙي ناانصافي خلاف ڪافي عرصي کان وٺي لاڳاپيل آفيسرن آڏو دانهيو آهي، پر سندن مسئلو حل نٿو ڪيو وڃي. هنن چيو ته شاخن ۾ پاڻي نه اچڻ ۽ جر زهريلو ٿيڻ ڪري هتان جا ماڻهو، جانور، پکي ۽ جيت پيئڻ جي پاڻي لاءِ سخت پريشان آهن.

هنن ٻڌايو ته هتان جي ماڻهن جو گذرسفر زراعت ۽ مڇي جي شڪار تي آهي، شاخن ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري زراعت نٿي ٿئي ۽ سمنڊ جي چاڙهه سبب ماڻهو مڇي جو شڪار به نٿا ڪري سگهن

معاشي حالتون بهتر نه هئڻ سبب معصوم ٻارن جو تعليمي مستقبل تباهه

پاڻي جي کوٽ سبب پيدا ٿيندڙ غربت، بک ۽ بيروزگاري ساحلي پٽي جي ماڻهن جو نسل تباهه ڪري رهي آهي.

معاشي حالتون بهتر نه هجڻ ڪري ماڻهو پنهنجن ٻارڙن کي تعليم نٿا ڏياري سگهن،  جنهن ڪري سندن نئون نسل تعليم کان محروم بڻجي اونداهي طرف وڌي رهي آهي.

ساحلي پٽي جي ماڻهن جو مستقبل اونداهون ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ سندن پاڻي جي کوٽ وارو مسئلو حل ڪرائڻ جي سخت ضرورت  آهي.

اڳواڻن کي رڳو اليڪشن وارن ڏينهن ۾ ياد ايندا آهيون: اوڀايو رند

ساحلي پٽي جي ڳوٺ ايم ڪي رند جي رهواسي سماج سڌارڪ اڳواڻ اوڀايو رند عوامي آواز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته جڏهن اليڪشن جا ڏينهن ايندا آهن ته علائقي جا سياسي اڳواڻ وٽن ايندا آهن ۽ اهي سندن پاڻي جي کوٽ وارو مسئلو حل ڪرائڻ جون وڏيون دعوائون ڪندا آهن.

پر ووٽ وٺڻ کان پوءِ اهي ڳولهيا ناهن لڀندا ۽ نه ئي سندن مسئلو حل ٿيو آهي، پاڻي جي کوٽ سندن زندگيون سخت تڪليفن ۾ وجهي ڇڏيون آهن.

عوامي آواز ميڊيا گروپ ٺٽي جي ساحلي پٽي ۾ پاڻي جي کوٽ واري مسئلي کي ايوانن تائين پهچائڻ ۾ سندن مدد ڪري.

واهن ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري جر به کارو ٿي ويو: مير محمد بلوچ

41 يونين ڪائونسلن تي مشتمل ميرپورساڪرو تعلقي ۾ ڪل 2700 ڳوٺ آهن، جن مان اڪثر ڳوٺن جا رهواسي پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ان سلسلي ۾ ڳالهائيندي اين آر ايس پي جي اڳواڻ مير محمد بلوچ ٻڌايو ته هنن وڏيون ڪوششون ڪري 142 هينڊ پمپ لڳائي ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري جر خراب ٿي ويو ۽ 65 سيڪڙو هينڊ پمپ ناڪاره بڻجي ويا آهن.

هتان جا ماڻهو سڄو ڏينهن پيئڻ جي پاڻي لاءِ سخت پريشان ٿيندا رهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.