بنا اجازت افطاري ورهائڻ تي سزا ملندي…!

دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي جي رهواسين کي رمضان المبارڪ دوران افطار ورهائڻ لاءِ حڪومت کان اجازت وٺڻي پوندي، اجازت کانسواءِ افطار ورهائيندڙ کي 10 هزار درهم ڏنڊ ۽ هڪ سال قيد جي سزا ڏني ويندي.

ڪورونا سبب احتياطي اپائن تي افطار ورهائڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي.

پر هن سال رمضان المبارڪ ۾ افطار ورهائڻ لاءِ دبئي ۾ اسلامي معاملن ۽ فلاحي سرگرمين واري کاتي کان اجازت وٺڻي پوندي.

ان پابندي جو سبب اهو ٻڌايو ويو آهي ته ورهايل کاڌو صحت جي اصولن موجب تيار ڪيو وڃي ۽ ٻيو ته اهو کاڌو مختلف هنڌن تي ورهائي سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.