ڪارن مرچن جي فائدن بابت اسان هتي کوڙ ڀيرا ٻڌايو آهي، ان سان گڏ ڳڙ بابت به سڀني کي خبر هوندي ته کنڊ جي بدران جيڪڏهن ڳڙ استعمال ڪجي ته صحت تي ڪيترا فائدا پوندا.
پر ڇا توهان کي خبر آهي ته ڪارا مرچ ۽ ڳڙ به گڏائي کائي سگهجن ٿا؟ ۽ ان جا صحت لاءِ ڪهڙا فائدا آهن؟
سياري جي موسم ۾ ٿڪاوٽ ۽ نزلو زڪام ته عام ڳالهه هوندي آهي پر جيڪڏهن گهر جي ڀاتي ڀاتي کي اهو مسئلو ٿي وڃي ته گهر جي وڏي عورت مسئلي ۾ پئجي ويندي آهي. ان دوران جيڪڏهن اهڙا ڪا ننڍي شيءِ ملي وڃي جيڪا هجي به سولي ۽ سستي ۽ ان جا فائدا به جام هجن ته واهه واهه ٿي ويندا. ڪارن مرچن ۽ ڳڙ جا اهڙا ئي فائدا آهن.
ٺاهڻ جو طريقو
ڪارا مرچ ٺاهي پيهي پائوڊر ٺاهيو ۽ ڳڙ جي کنڊ يا مٺائي وٺو انکي به پيهي وٺو، هاڻي پيٺل ڳڙ ۾ انجي اڌ جيترو ڪاري مرچن جو پائوڊر وجهو.
فائدا
ڪارا مرچ ڳلي جي تڪليف لاءِ فائدن وارا آهن، ڳڙ ۽ ڪارن مرچن جي تاثير گرم آهي، اهو جسم کي طاقت ۽ حرارت ڏئي ٿو. انهن ٻنهي شين جو باقائدگي سان استعمال جسم ۾ مدافعتي قوت کي به وڌائيندو آهي، رت جي وهڪرن کي صحيح ڪري ٿو ۽ انفيڪشن کان بچائي ٿو.
ڳڙ ۽ ڪاري مرچن جي پائوڊر کي هڪ پيالو ڏهي ۾ ملائي کائڻ سان ٿڌ ۽ ڳلي جي انفيڪشن ۾ آرام ملندو آهي، انهن ٻنهي شين جا ننڍا ننڍا بالڙا ٺاهي ٻه ٽي ڀيرا ڏينهن ۾ هڪ هڪ بالڙو کائڻ سان ڳلي جو سور ختم ٿي ويندو آهي. ڪاري مرچن ۽ ڳڙ ۾ موجود فولاد جسم جي هڏن لاءِ به تمام گهڻو فائديمند آهي ۽ هڏهن کي مضبوط ڪري ٿو. هاضمي کي بهتر ڪرڻ سان گڏ جسم کي گرم رکندو آهي ۽ جوڙن جي سور مان به جند ڇڏي ويندي آهي.