پشين (م ڊ) پشين جي علائقي توبه ڪاڪڙي ۾ شديد ٿڌ دوران ڳورهاري عورت کي کٽ تي اسپتال منتقل ڪرڻ جي ڪوشش دوران رستي ۾ ٻار جو جنم ٿي پيو، ٿڏي تي طبي امداد نه ملڻ سبب ماءُ ۽ تازي ڄاول ٻار دم ڏئي ڇڏيو.اتر بلوچستان شديد ٿڏ جي لهر ۾ آهي، زيارت، خانو زئي، توبه اچڪزئي ۽ توبه ڪاڪڙي ۾برفاني هوا گهلي رهي آهي.اختيارين ٻڌايو ته پشين، قلعه سيف لله، قلعه عبدالله ۽ زيارت ۾برفباري سبب رستا بند ٿي ويا آهن، ٿڏ ڪاٽو 18 ڊگري تي پهچڻ سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي.