دنيا ڪنهن ٻي عالمي وبا سان جهيڙڻ لاءِ تيار ناهي: بل گيٽس

مائيڪروسافٽ جو شريڪ باني بل گيٽس چيو آهي ته دنيا ڪنهن به نئين عالمي وبا سان جهيڙڻ لاءِ تيار ناهي.

پرڏيهي خابرو اداري مووجب آسٽريليا جي شهر سڊني جي هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي بل گيٽس چيو ته مستقبل ۾ عالمي وبا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مضبوط سياسي سهڪار جي ضرورت هوندي ايتري قدر جو دشمنن کي به گڏ ڪم ڪرڻو گهربل هوندو.

هن وڌيڪ چيو ته مان اهو نه چوندس ته ڪووڊ 19 بابت دنيا جي ڪهري ملڪ جو ردعمل بلڪل ٺيڪ هو، مستقبل ۾ اهڙي ڪنهن به وبا سان جهيڙڻ لاءِ گڏيل سياسي عزم تي ٺوس عالمي تعلق جي ضرورت هوندي، پر ان بابت عالمي تياري نظر نٿي اچي.

هن چيو ته اسان کي هر 5 سال کانپوءِ ملڪن ۽ خطن جي سطح وبائن سان جهيڙڻ لاءِ تياري جا تجربا گهربل آهن ۽ هڪ اهڙو گروپ هجڻ گهرجي جيڪو هر ملڪ جي ڪوششن تي نظر رکي.

هن امڪان ظاهر ڪيو ته ٽيڪنالوجي سان مختلف طبي ۽ ٻيا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ملي ويندي، ٿولهه جو علاج ڪري سگهبو، پوليو جو خاتمو ڪري سگهبو.

بل گيٽس موجب 20،40 يا 60 سال پهريون جي ڀيٽ ۾ هاڻي پيدا ٿيڻ وڌيڪ بهتر ثابت ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.