2022ع ۾ به پاڪستان ۾ صحافت جي آزادي واري صورتحال بدترين رهي، 4 صحافي شهيد ٿيا:سي پي اين اي

ڪراچي(رپورٽر) ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز(سي پي اين اي) ” پاڪستان ميڊيا فريڊم رپورٽ 2022ع جاري ڪري ڇڏي جنهن مطابق 2022ع دوران پاڪستان ۾ صحافت جي آزادي واري صورتحالانتهائي خراب رهي، اظهار راءِ کي دٻاءُ ۾ رکڻ جو سلسلو جاري رهيو، رپورٽ مطابق 4 صحافي فرضن جي ادائيگي دوران جان جي بازي هارائي ويا، ناليواري اينڪر ۽ صحافي ارشد شريف، اطهر متين، ضيا الرحمان فاروقي جي بي رحماڻي قتل حڪومت ۽ ارباب اختيار جي ميڊيا جي آزادي بابت سمورين دعوائن کي عالمي برادري آڏو عيان ڪري ڇڏيو جڏهن ته هڪ عورت صحافي صدف نعيم پيشيواراڻي فرضن جي ادائيگي دوران ناقص حفاظتي قدمن سبب حادثي ۾ فوت ٿي وئي، وفاق ۾ اتحادي حڪومت پي ٽي آءِ دور جي ميڊيا ڪش پاليسين کي وڌيڪ واڌ ڏئي ميڊيا جي آزادي بابت پنهنجي سمورين دعوائن کان انحراف ڪيو ۽ پي ٽي آءِ دور جي طرز تي انتقامي ڪارروايون جاري رکيون، صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي عالمي درجابندي ۾ پاڪستان 157هين نمبر تي رهيو، جيڪو گذريل سال 2021ع جي ڀيٽ ۾ 12 درجن جي تنزلي آهي، 2022ع ۾ حڪومت جي تبديلي باوجود پاڪستان ۾ ميڊيا جي آزادي، اظهار راءِ جي آزادي، معلومات تائين پهچ جا حق دٻائڻ جا حربا تبديل نه ٿيا، رپورٽ مطابق سڀ کان وڏي قتل واردات وارو سانحو ناليواري صحافي ارشد شريف جو ڪينيا ۾ ٿيوجنهن جون ڏوريون پاڪستان جي سرزمين تي موجود ماڻهن سان ملڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، ارشد شريف جي قتل جتي عالمي معيار جي تحقيقاتي صحافت ڪندڙ پاڪستاني صحافين کي هراسان ڪيو بلڪه ان شعبي ۾ اچڻ جي خواهش رکندڙن جي دلين ۾ به خوف پيدا ڪيو، ملڪ جي طاقتور حلقن پنهنجي بالادستي جو واضح ۽ وقت بوقت مظاهرو ڪندي پيشيور صحافين کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪيئ، پيڪا جو غيرجمهوري ۽ ڪارو قانون لڳاتار لاڳو آهي، جنهن جون ڪجهه شقون آزادي صحافت ۽ اظهار راءِ کي ناڪاري طور تي متاثر ڪري رهيون آهن، گذريل سال جي دوران اظهار راءِ جي آزادي جي ڏوهه ۾ صحافين تي ڌمڪين ۽حملن جي واقعن سان پاڪستان ۾ قائم جمهوريت جون دعوائون غلط ثابت ٿيون، 28 کان وڌيڪ واقعن ۾ 13 صحافين تي تشدد، ٻن صحافين جي گهرن تي حملا، 10 صحافين جون گرفتاريون ۽ ڪيس ۽ ٽن عورت صحافين کي هراسان ڪيو ويون، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي صورتحال بابت حقيقتن تي ٻڌل رپورٽنگ جي پاداش ۾ ڪيٽي بندر جي صحافي الياس سمون سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ صحافين کي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪوڙا ڪيس ڪري گرفتار ڪيو ويو، اسلام آباد جي صحافي وقار ستي خلاف توهين مذهب جي شقن تحت قائم ڪيس هاءِ ڪورٽ جي واضح حڪمن باوجود برقرار آهي، صحافين کي شديد سينسرشپ۽ ٻين پابندين کي منهن ڏيڻو پيو، 2022ع دوران صحافين کي آن لائن هراسان ڪرڻ جو سلسلو به جاري رهيو، ڪجهه صحافي” طاقتور حلقن“ جو دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهيا ۽ ٻاهرين ملڪ به پنهنجي سڃاڻپ ڳجهي رکڻ تي مجبور ٿيا، ته جيئن هو ارشد شريف جهڙي انجام جو شڪار نه ٿين، نئين اتحادي حڪومت ۾ به گذريل حڪومت وانگر 2022ع ۾ اشتهارن کي حربي طور استعمال ڪرڻ جي روش برقرار رهي، ميڊيا ادارن جا صحافي ۽ ٻيو عملو پگهارن جي عدم ادائيگي سميت مختلف پريشانين جو شڪار رهيو،سنڌ ۾ سرڪاري اشتهارن جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ ڪيترن ئي سالن کان بقايائن جي ادائيگين ۾ دير ۽ سست روي سبب اخبارن ۽ رسالن کي بندش جهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، رپورٽ ۾ جسٽس رشيد اي رضوي جي سربراهي ۾ جرنلسٽس پروٽيڪشن ڪميشن جي قيام جي آجيان پر عملي قدمن جو اڃا تائين انتظار آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو ته ميڊيا جو آواز دٻائڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.