حيدرآباد ۾ مزدوري لاءِ گهران نڪتل نوجوان گوليون هڻي قتل

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي او آر ٿاڻي جي حد ٿڌي سڙڪ تي اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو. پوليس واقعي واري هنڌ تان لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتي مقتول جي سڃاڻپ راجا ميراڻي جي نالي سان ٿي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جا تفصيل گڏ ڪري رهيا آهيون، واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. مقتول نوجوان حيدرآباد جي پيون ڪالوني جو رهواسي هو ۽ گاڏي کاتي ۾ گاڏين جي شو پارٽس جي دڪان تي مزدوري ڪندو هو،ڪالهه هو پورهيي تي وڃي رهيو هو ته هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽرن موجب کيس ڳچيءَ ۾ هڪ گولي لڳي، جيڪا سندس موت جو سبب بڻي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.