لاهور ( ويب ڊيسڪ ) (ن) ليگ جي سربراهه ميان نواز شريف فيصلو ڪيو آهي ته عمران پراجيڪٽ جي خلقڻهارن کي عوام ۾ وائکو ڪيو ويندو. ڇو ته ميان نواز شريف جي نظر ۾ عمران پراجيڪٽ جي شڪل ۾ ملڪ تي هائبرڊ نظام ٿافي حقيقي سياسي ڌرين کي ڀت سان لڳائڻ سبب ئي ملڪ معاشي طور تباهه آهي ۽ عوام بک، بيروزگاري ۽ مهانگائيءَ جهڙن انيڪ مسئلن جو شڪار آهي.
نامياري صحافي موجب نواز شريف جي نظر ۾ اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار، اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) اشفاق پرويز ڪياني، اڳوڻو آرمي چيف قمر جاويد باجوه (ر) جنرل احمد شجاع پاشا، جنرل (ر) ظهير اسلام ۽ جنرل (ر) فيض حميد عمران پراجيڪٽ جا مکيه ڪردار هئا.
پنجاب ۽ ڪي پي ۾ صوبائي تڪن تي ننڍي چونڊ ۾ مٿيان ڪردار چونڊ مهم دوران (ن) ليگ جي نشاني تي هوندا، لنڊن ۾ جيڪي صلاح مشورا هلي رهيا آهن. انهن ۾ به عمران پراجيڪٽ جا خلقڻهار تنقيد جو هدف آهن، ڇو ته انهن ڪردارن کي ملڪ جي معاشي ۽ سياسي تباهيءَ جو ذميوار قرار ڏنو وڃي ٿو.
عمران خان کي نواز شريف استعمال ٿيندڙ مهرو سمجهي ٿو ان ڪري موجوده حالتن جو ذميوار عمران کي گهٽ ۽ کيس ڪلهن تي کڻي ايندڙن کي وڌيڪ ذميوار قرار ڏئي ٿو. ان ڪري چونڊ مهم ۾ اهي ئي نشاني تي هوندا ۽ کين عوام ۾ وائکو ڪيو ويندو.