اڏيرولال(ن ع آ) پ پ پ جي سينيٽر محمد علي شاهه ڄاموٽ سنڌ جي وڏي وزير کي خط لکيو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ضلعي جي ٽنهي تعلقن ۾ شاگردن جو تعداد تمام گهڻو آهي، جنهن ڪري ضلعي جي تعلقن ۾ عملي جي سخت کوٽ آهي، تنهن ڪري 500 پوسٽن جي ايس اين اي منظور ڪئي وڃي ته جيئن هتان جا شاگرد بهتر نموني تعليمي سرگرميون جاري رکي سگهن.