نئون ديرو: يارنهن هزار بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگر فوت

عوامي آواز رپورٽ
نئون ديرو: يارنهن هزار بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگر فوت
عوامي آواز رپورٽ نئون ديرو: يارنهن هزار بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگر فوت

 

نئين ديري ڀرسان يارنهن هزار بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگر فوت ٿي ويو.

ڳوٺ واريءَ وارا شر ۾ نينگر حميد شر گهر اندر وڻ تي چڙهي بيٺل هو جنهن مان گذرندڙ 11 هزار بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو.

نينگر کي نازڪ حالت ۾ نئون ديرو اسپتال آندو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

فوتي نينگر جي وارثن جو چوڻ هو ته ڪيترائي ڀيرا سيپڪو عملدارن کي بجليءَ جون تارون ٻئي هنڌان لڳائڻ لاءِ چيو پر ڪنهن جي ڪن تي جونءَ به نه چري.

ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته گهر اندران گذرندڙ بجليءَ جون تارون هٽائي کين وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.