Browsing Category

نيشنل

ٽانڪ مان انڪم ٽيڪس اسسٽنٽ ڪمشنر سميت 4 ڄڻا اغوا

پشاور (ويب ڊيسڪ) ٽانڪ ڀرسان مرتضيٰ ڳوٺ مان اسسٽنٽ ڪليڪٽر انڪم ٽيڪس سميت 4 ڄڻن کي اغوا ٿي ويا. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته اسسٽنٽ ڪليڪٽر رياض خان پنهنجي ماءُ جي لاڏاڻي تي پشاور کان مرتضيٰ ڳوٺ آيو هو، جتي کيس ٻين سان گڏ اغوا ڪيو…

خبر ناهي ته وزيراعظم ”صاحبه“ ڪهڙي حوالي سان چيو: ياسمين راشد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي صحت واري وزير ياسمين راشد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بابت بيان تي وزيراعظم جي حمايت ڪري ڇڏي. گذريل ڏينهن وانا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي تنقيد جو…

پي ٽي آءِ اڄ تائين پارٽي فنڊنگ جو جواب نه ڏئي سگهي آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پارليامينٽ تي لعنت وجهندڙ پارليامينٽ ۾ اچڻ پسند نه ٿا ڪن. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان کي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙڻ ۾ 23…

شيخ رشيد فردوس عاشق اعواڻ کي صاحب قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد فردوس عاشق اعواڻ کي صاحب قرار ڏئي ڇڏيو آهي، سندس چوڻ هو ته بلاول کي ويجهي کان ڏسو ته پروين نظر اچي ٿي، صاحب کي صاحبه چوڻ سان ڪهڙو فرق پوي ٿو، گڏهه کي رنگ ڏيڻ سان زيبر نه ٿيندو آهي. اسلام آباد…

نواز شريف پرڏيهه ۾ علاج لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پرڏيهه علاج لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان 15 صفحن تي ٻڌل نظرثاني درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالت 26 مارچ…

ڊاڪٽر عافيه صديقي بابت بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته ڊاڪٽر عافيه صديقي بابت منهنجي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي. هفتيوار بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر فيصل چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ڇڪتاڻ جاري آهي، قابض ڀارتي فوج ٻن هٿين خالي…

ون يونٽ يا صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ملڪ ٽٽي ويندو: بلاول

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  چيو آهي ته ون يونٽ يا صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ملڪ ٽٽي ويندو،  جڏهن ته وزيراعظم چئي رهيو آهي ته عورت هئڻ گار آهي. قومي اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي  بلاول ڀٽو…

پاڪستان هاڻي افغانستان ۾ ڪنهن به اندروني تڪرار جو حصو نه ٿيندو: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان هاڻي افغانستان ۾ ڪنهن به اندروني تڪرار جو حصو نه ٿيندو، افغانستان ۾ تشدد جي وڌندڙ واقعن سان پاڪستان پريشان آهي. هڪ بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان جي تڪرارن 40 سالن…

بلوچستان جي ضلعي چمن ۾ پوليو ٽيم تي فائرنگ، عورت قتل

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي ضلعي چمن ۾ پوليو ٽيم تي فائرنگ ۾ هڪ عورت پوليو ورڪر قتل ٿي وئي آهي. پوليس موجب چمن جي علائقي سلطان زئي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار ٻن حملي آورن پوليو ٽيم تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 35 ورهين جي عورت پوليو ورڪر…

لاڙڪاڻو ايڊز کان متاثر سڀ کان وڌيڪ ضلعو، وڌيڪ 13 ٻارڙن ۾ مرض جي سڃاڻپ

لاڙڪاڻو ( ويب ڊيسڪ ) لاڙڪاڻي جي تعلقي رتي ديري جي 13 ٻارڙن ۾ ايڇ آءِ اي پازيٽو اچڻ بعد انچارج ايڇ آءِ وي ايڊز ڪنٽرول پروگرام جو نوٽيس ورتو آهي.  تعلقي رتي ديري جي 16 ٻارڙن  جي رت جا نمونا ايڇ آءِ وي جي سڃاڻپ لاءِ ليبارٽري موڪليا ويا جنهن ۾…