عوام لاءِ خطري جي گهنٽي، عالمي بئنڪ پاڪستان کي خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي بئنڪ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جو مطالبو ڪندي چيو آهي توانائي سڌارا نه ٿيا ته بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻي پوندي.
عالمي بئنڪ توانائي جي شعبي ۾ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي ۽ چيو ته توانائي سڌارا نه ٿيا ته بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻي پوندي.
رپورٽ ۾ توانائي شعبي جي نقصانن کي معيشت لاءِ خطرو قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته جنوري 2024 تائين پاور سيڪٽر جو گردشي قرض 2635 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي، بجلي جو قرض جي ڊي پي جي 2.4 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي.
عالمي بئنڪ وڌيڪ چيو ته گئس جي شعبي ۾ سرڪلر ڊيٽ 2866 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي، جڏهن ته قرض معيشت جي 2.7 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي.
رپورٽ موجب بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جا نقصان معيشت جو 0.2 سيڪڙو مان وڌي 0.5 سيڪڙو تائين پهچي ويا، مالي سال 2021 ۾ بجلي نقصان معيشت جو 0.2 سيڪڙو هئا، جڏهن ته مالي سال 2022 ۾ ڊسڪوز جا نقصان معيشت جو 0.5 سيڪڙو تائين پهچي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.