انيل ڪپور سان جهيڙي جي خبرن تي بوني ڪپور خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي نامياري فلمساز ۽ هدايت ڪار بوني ڪپور جي پنهنجي ڀاءَ ۽ سينيئر اداڪار انيل ڪپور سان جيهڙي جي خبرن تي وضاحت سامهون اچي وئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، بوني ڪپور چيو ته سندس بيان کي ميڊيا ۾ ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو جنهن تي انيل ڪپور کائنس ناراض ٿي ويو آهي.
هن چيو ته فلم ” نو انٽري ٽو “ ۾ نه انيل ڪپور آهي نه ئي سلمان خان جنهن ڪارڻ اِهو آهي ته هو ٻئي مختلف فلمن جي شوٽنگ ۾ مصروف آهن.
بوني ڪپور اِهو به چيو ته فلم جي سيڪوئل ۾ ڪاسٽ نه ڪرڻ تي ٻنهي مان ڪنهن به ڪاوڙ جو اظهار ناهي ڪيو.
ياد رهي ته بوني ڪپور 2005ع ۾ رليز ٿيل فلم ” نو انٽري “ جو سيڪوئل ٺاهي رهيو آهي جنهن ۾ ورون ڌون، ارجن ڪپور ۽ دلجيت دوسانج مک ڪردار ادا ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.