بيروزگار پاڪستاني نوجوانن لاءِ وڏي خوشخبري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم يوٿ لون پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود چيو آهي ته هلندڙ سال يوٿ لون پروگرام جو دائرو اڃا وڌايو ويندو.
پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا مشهود چيو ته وزيراعظم چارٽرڊ آف اڪنامي جي ڳالهه 2018 ۾ به ڪندو هو، ٻاهرين سيڙپڪاري جون خبرون اچڻ به شروع ٿي ويون ۽ مهانگائي جو انڊيڪس هيٺ ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي.
هن چيو ته 24 ڪروڙن جي آبادي ۾ 70 سيڪڙو نوجوان آهن، مطلب 17 ڪروڙ نوجوان آهن، يوٿ جو ايڏو وڏو انگ سڄي دنيا ۾ ڪٿي نظر نٿو اچي، پاڪستان کي ترقي ڏيارڻي آهي ته نوجوانن کي پليٽ فارم ڏيڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته اسان يوٿ لون پروگرام آڻينداسين، هن سال ان پروگرام جو دائرو اڃا وڌائي رهيا آهيون، جيستائين نوجوان اعتماد نه ڪندا ترقي نٿا ڪري سگهون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.