اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ختم ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي: بابر اعواڻ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ختم ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي پر وڪيل مزاحمت ڪندا ۽ ججن ۽ عدليا جو تحفظ ڪندا.
صحافين سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ختم ڪرڻ جي سازش شروع ٿي چڪي آهي، جڏهن کان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٺهي، بيورو ڪريسي جي ڳچي ۾ هٿ پيا آهن.
هن چيو ته جسٽس بابر ستار جي فيصلي کانپوءِ ان عدالت کي ختم ڪرڻ جي سازش تيز ٿي وئي پر وڪيل مزاحمت ڪندا ۽ ججن ۽ عدليا جو تحفظ ڪندا.
سندس چوڻ هو ڪنهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي ته تاريخي مزاحمت ڪنداسين، حڪومت وٽ اهڙو ڪو پلان ناهي ته ميثاق جمهوريت جي ڳالهه ڪري.
بابر اعواڻ چيو اميد ته ججن جي خط جي معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ فل ڪورٽ جڙندي ۽ ان کي روز جي بنياد تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.